ايوب فقير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

يوب فقير- ذات جو -پٺاڻ- هو. ڪوٽڙي شهر جي ڏاکڻي طرف -بند- سان لڳولڳ نانگو لائين ڳوٺ جي ڀرسان هڪ گهاٽي جهنگ ۾ اڪيلو رهندو هو، تنهنڪري ماڻهو انهيءَ هنڌ کي”-ايوب فقير- جي هڙهي“ چوندا هئا. جوانيءَ ۾ ايڪسائيز پوليس ۾ سپاهي هو. اها نوڪري ڇڏي، -بس- جو ڊرائيور ٿيو. ٿاڻي بولاخان وارو لڪ، جيڪو -ان- وقت ۾ انگريزن ڀڃي وچ مان رستو ٺاهيو، -ان- لڪ -تان- اهو پهريون -ايوب فقير- هو، جنهن -بس- هلائي هئي، ورنه اهڙو ٻيو ڪوبه قابل ڊرائيور ڪونه هو، جو -ان- لڪ مان ڪا -بس- چاڙهي بولاخان پهچي. آخر ۾ پاڻ حمالي ڪندو هو ۽ -ان- مان پيو پيٽ گذر ڪندو هو. جسم ۽ هڏ ڪاٺ مضبوط ۽ جواني به هيس. -ايوب فقير- کي هميشه مٿي تي رومال ويڙهيل هوندو هو. لنڊي قميص ۽ ڪڇو پائيندو هو. اها هئي سندس پوشاڪ. ڪوٽڙي شهر ۾ ڪنهن وقت ۾ ڪراچي هوٽل مشهور هئي، جنهن جو مالڪ سيٺ عبدالرحمان، -اهل- نظر ۽ -اهل- دل -انسان- هو، جنهن سان، -ايوب فقير- ڏاڍيون ڪچهريون ڪندو هو. آخري ڏينهن ۾ ماڻهن کيس ڏاڍو پريشان ڪيو، ۽ کيس جهوپڙيءَ مان زوريءَ اٿاري، سندس جهوپڙيءَ کي -باهه- ڏيئي ڇڏيائون. 65 ورهين جي ڄمار ۾ 1982ع ڌاري وفات ڪيائين.[1]

حوالا[سنواريو]