ايم بي ڪيو هاسٽل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ايم بي ڪيو ھاسٽل ايم بي ڪيو ھاسٽل اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي ۾ بالخصوص ڇوڪرن لاء آھي.اھا ٻن بلاڪ تي مشتمل آهي. ھر ھاسٽل ۾ تقريبن ڏيڊ سئو ڪمرا آهن. جتي پڻ کاڌي پيتي جون شيون موجود آھن. ھر ڪمري ۾ ٽي شاگرد رھڻ جي گنجائش آهي. ھتي اوھان کي نہ صرف سنڌ بلڪه پاڪستان جي مختلف شهرن ۽ ٻين ملڪن جا شاگرد پڻ ڏسبا. ھاسٽل جي اندر آفيس آھي. جتي وارڊن، انچارج ۽ ٻيا ملازم رھائشي شاگردن جي لا۽ خدمتون سرانجام ڏيندا آهن. واڍو، بجلي جو مستري ۽ ٻيا عملا ھتي پڻ رکيل آھن. ھاسٽل جي حفاظت لا۽ سيڪيورٽي گارڊ ھوندا آھن. ھتي شاگرد رھي ڪري مختلف شيون سکڻ سان گڏوگڏ نوان دوست ٺاهيندا آهن.