ايم اين رائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

زمرو:dmy تاريخون استعمال Dmy تاريخون استعمال سانچو:Use Indian English

M. N. Roy
Manabendra Nath Roy
پيدائش Narendra Nath Bhattacharya
21 مارچ 1887(1887-03-21)
Changripota, 24 Parganas, Bengal Presidency, British India
وفات 26 جنوري 1954 (عمر 66 سال)
قوميت Indian
نسل Bengali Brahmin
مادر علمي Bengal Technical Institute, Communist University of the Toilers of the East
تنظيم Jugantar, Communist Party of India, Communist Party of Mexico,
سياسي تحريڪ Indian revolutionary movement, Hindu–German Conspiracy


پيدائش ۽ تعليم[سنواريو]

منابندرا ناٿ رائي, ايم اين رائي يا ايم اين راءِ (Manabendra Nath Roy) ، آمريڪا جي اسٽئنفورڊ يونيورسٽيءَ جي ڪئمپس تي روپوشيءَ ۾ رهندي، جون 1916ع ۾ پاڻ تي هي نالو رکيو هئو، جيڪو ئي پوءِ آخر تائين هن جو نالو رهيو. هندستان جو ۽ دنيا جو، هي بي مثل مفڪر ۽ انقلابي اڳواڻ21 مارچ 1887ع ۾ بنگال ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ ڪلڪتي جي ويجهو هڪ اسڪول ۾ سنسڪرت جو استاد هو، جنهن کان هن سنسڪرت جا سبق ورتا ۽ عام اسڪولي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ نيشنل ڪاليج ڪلڪتي ۾ داخل ٿيو. هن جي تعليم ان مرحلي کان اڳتي ڪا نه وڌي سگهي.

سياسي زندگي[سنواريو]

کانئس عمر ۾ ڪجهه وڏي، سندس انهن ڏينهن جي هڪ انقلابي ساٿي، اي ڪي هنديءَ پنهنجي ڪتاب هڪ شخص- جنهن اڳتي ڏٺو ٿي (M.N: Roy, the Man who Looked Ahead) ۾ هن جي ننڍيءَ عمر جي قومي جذبي جو ذڪر ڪيو آهي.

ايم اين رائي ڇاهٺ ورهيه حياتيءَ جا ماڻيا، جن مان 16 ورهيه يعني آگسٽ 1915ع کان وٺي هو وطن کان ٻاهر رهيو. ڪل وقتي طور عالمي انقلابي تحريڪن سان ڳنڍيل، پر هڪ ئي مقصد لاءِ ته هندستان آزاد ٿئي ۽ اُن جي صدين جي جمود ۾ هلچل ۽ انقلاب اچي، ۽ اُن جا ماڻهو پنهنجي وطن ۾ اُٿي بيهي، سڌا ٿين، ڪنڌ اوچا ڪري هلن ۽ پنهنجي حال جا ۽ پنهنجي مستقبل جا مالڪ بڻجن.

ڊسمبر 1930ع ۾، لڪي لڪي، هو پنهنجي وطن موٽي آيو، پر ستن مهينن جي پرخطر روپوش زندگيءَ کان پوءِ جهلجي پيو ۽ 1915ع کان اڳ جي دهشت پسند ڪاررواين جي ڏوهه ۾ هن کي ٻارهن سالن جي جلاوطنيءَ جي سزا ملي، جا اپيل تي گهٽجي ڇهن سالن جي سخت پورهئي جي سزا ۾ تبديل ٿي. ڪامريڊ رائي اها سزا ڪاٽي، جڏهن ٻاهر نڪتو تڏهن جيل مان هن پاڻ سان رجسٽر سائيز جي هزار هزار صفحن جا نوَ نوٽبڪ، ڳتيل اکرن ۾ سڄا لکيل، ٻاهر آندا. (جيل ۾ هڪ مهل کين اهڙي قسم جو هڪ ئي نوٽبڪ ملندو هو، پر ان جو، هڪ ورق به ٻاهر موڪلڻ جي کين اجازت نه هوندي هئي. لکجي پوري ٿيڻ کان پوءِ، ٻئي خالي نوٽبڪ وٺڻ لاءِ، پهرين اڳيون نوٽبڪ کين جيل سپرنٽينڊنٽ جي آفيس ۾ ڊپازٽ ڪرائڻو پوندو هو. نوَن نوٽبڪن جو هيءُ سڄو مواد انگريزيءَ ۾ لکيل هو ۽ پوءِ ان جو ڪافي گهڻو حصو ”رنيزانس پبلشرس“ ۽ ”انڊين رنيزانس انسٽيٽيوٽ“ طرفان ڪتابن جي صورت ۾ ڇاپيو ويو. [1]

ايم اين رائي جا ڪتاب[سنواريو]

(1) فسطائيت. ان جو فلسفو ۽ عمل. (2) اسلام جو تاريخي ڪارنامو. (3) عورتپڻي جو هندستاني آدرش. (4) ماديت (5) ويهين صديءَ جا پاکنڊ. (6) علم ۽ اوهام. (7) ٻليءَ جون يادگيريون. (8) عقل، رومانويت ۽ انقلاب، وغيره

ڪامريڊ رائي، نومبر 1936ع ۾ جيل کان ٻاهر ايندي ئي، انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿيو. قومي آزاديءَ جي جدوجهد ۾، ان ۾ سرگرم حصو وٺڻ لڳو. ٿوري ئي وقت کان پوءِ، جو ڪن حلقن طرفان ائين هل اُٿاريو ويو ته ڪامريڊ راءِ جي ڪانگريس ۾ شامل ٿيڻ سان ڪانگريس ”سرخ“ بڻجي ويئي آهي، ڪامريڊ راءِ کي ٻيو هڪ مختصر بيان ڪڍڻو پيو، جنهن ۾ چيائين: ”ڪانگريس ڪميونسٽ ڪا نه ٿي بڻجي، پر پاڻ ڪميونسٽ، هندستاني عوام جي آزاديءَ لاءِ اڻموٽ سپاهين طور، ڪانگريس ۾ شامل ٿي، ڪانگريسي بڻجي رهيا آهن. نومبر 1936ع ۾، بريليءَ ۾ ڪانگريس جي سهاري هيٺ سڏايل سياسي ڪانفرنس جي موقعي تي، ڪامريڊ راءِ کي ڪانگريس ۾ شامل ڪيو ويو ۽ يو پي صوبائي ڪانگريس ڪاميٽيءَ ۽ آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو ميمبر به بڻايو ويو. ٻئي مهيني، هن ڪانگريس جي فيضپور سيشن ۾ حصو ورتو ۽ اتي مهاتما گانڌيءَ سان سندس پهرين منهان منهن ملاقات ٿي.

پنجن مهينن کان پوءِ 4 اپريل 1937ع تي، ڪامريڊ راءِ پنهنجي هفتيوار انگريزي اخبار "Independent India" (خودمختار هندستان) جي نالي سان شروع ڪئي. ان لاءِ ڪامريڊ راءِ ڏانهن پنڊت جواهر لعل نهروءَ، سباش چندر بوس ۽ ٻين پنهنجا پيغام ۽ پنهنجون نيڪ تمنائون موڪليون. مهاتما گانڌيءَ ان لاءِ ڏانهس پوسٽ ڪارڊ تي پنهنجو پيغام لکي موڪليو، جنهن ۾ کيس ”خاموش خدمت“ جي صلاح ڏنائون. ڪامريڊ راءِ اخبار جي پهرينءَ اشاعت جي ادارتي نوٽ ۾ لکيو:”سياسي خودمختياري (Political Independence) مقصد نه پر مقصد جو ذريعو آهي.

1938ع ۾ سڀاش چندر بوس ڪانگريس جو صدر چونڊيو ويو ۽ 1939ع لاءِ ٻيهر هو اُميدوار بيٺو، جنهن ۾ به هو ڪامياب ٿيو. پر مهاتما گانڌيءَ جي ”دعائن“ حاصل نه هئڻ ۽ خود پنهنجي به ڪجهه هڪ طرفيءَ انتها ڏانهن مائل رخ سبب، ڪانگريس جي قابض جهونيءَ اڳواڻپ جو کيس تعاون حاصل ٿي نه سگهيو ۽ کيس ڪانگريس جي صدارت تان لهڻو ٿيڻو پيو، جنهن کان پوءِ جون 1939ع ۾ هن ڪانگريس جي اندر پنهنجي ساٿين جو هڪ جدا گروپ ”فارورڊ بلاڪ“ جي نالي سان قائم ڪيو. ساڳين ئي ڏينهن مئي 1939ع ۾ ڪانگريس جي اُن ئي قدامت پسند هڪ هٽيءَ واري سياسي ماحول ڏانهن رد عمل طور، ڪامريڊ ايم اين رائي پڻ، ان ۾ ڪجهه تازه دم فڪر ۽ عوام پسند نئين اڳواڻپ لاءِ موقعي پيدا ڪرڻ جي ارادي سان پنهنجي هم خيال ڪارڪن جو هڪ گروپ قائم ڪيو، جنهن کي هن ليگ آف ريڊيڪل ڪانگريس مين سڏيو. ترت ئي، ٽن مهينن کان پوءِ، پهرين ڊسمبر 1939ع تي يورپ ۾ ٻيءَ خونخوار عالمي جنگ جو آغاز ٿيو، ۽ وقت جي ان ڌماڪيدار للڪار تي، پنهنجي پنهنجي نظرياتي بنياد تان، ڪانگريس جي اندر هنن ٽن ڌرين يا گروهن، جنگ ڏانهن پنهنجا پنهنجا رخ اختيار ڪيا. سڀاش بوس ان کي سامراجي جنگ چيو، ڪامريڊ رائي ان کي فسطائيت خلاف عالمي جمهوريت جي جنگ سڏيو ۽ ڪانگريس هندستان جي اُڀرندڙ حڪمران طبقي جي طاقتور ترجمان ۽ طبقاتي مفاد پسند هڪ تنظيم طور، ان ڏانهن ٻه رخو رويو اختيار ڪيو.

1940ع ۾ ڪامريڊ رائي پنهنجي ساٿين، ليگ آف ريڊيڪل ڪانگريس مين، جي هڪ سئو اهم ڪارڪنن کي دهرادون ۾ ٻن هفتن جي تعليمي ڪئمپ ۾ گڏ ڪيو، ۽ اُتي سڀني گڏجي تاريخ ۽ زندگيءَ، آزاديءَ ۽ انقلاب، جي هر مسئلي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان تعليمي ڪئمپ ۾ ڪامريڊ رائي جيڪي مضمون پڙهيا ۽ ليڪچر ڏنا، سي هيٺين عنوان سان پوءِ 1942ع ۾ پهريون ڀيرو سائنسي سياسيات (Scientific Politics) جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا.

(1) انقلابيءَ جو آدرش. (2) سائنس، فلسفو ۽ سياست. (3) ڪي بنيادي اصول، تنظيمي ۽ نظرياتي. (4) ويهين صديءَ جو انقلابي ذهن (5) هندستان جي انقلاب جو مسئلو. (6) انقلابن جي تاريخ History of Reveolutions

ان کانسواءِ ڪامريڊ راءِ جو ڪتاب ”اسلام جو تاريخي ڪردار“ (Historical role of Islam) سندس اهم لکڻين منجهان هڪ آهي، جنهن ۾ اسلام جي ماضيءَ ۾ ڪردار سان گڏوگڏ اڄوڪي صورتحال وسيلي اجاگر ڪرڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

ديهانت[سنواريو]

ڪامريڊ ايم اين رائي 26 جنوري 1954ع تي 66 سالن جي عمر ديهانت ڪري ويو. [2] [[1]]