مواد ڏانھن هلو

ايمني بلاول (راڳڻي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هي ڪلياڻ -ٺاٺ- جي سمپورن راڳڻي آهي. هي هڪ قسم جو -بلاول- آهي، پر ايمن جو رنگ چٽو اٿس. ٻئي مڌم هن ۾ شامل آهن. هن ۾ کرج وادي سر آهي ۽ پنچم سموادي. آروهي ۾ مڌم تيور هنيو ويندو آهي ۽ انهيءَ ڪري ايمن جو رنگ چٽو ٿيندو آهي، پر -امروهي- ۾ مڌم شڌ سبب وري -بلاول- جو رنگ نکري ٿو. -بلاول- ۾ نکاد وڪر آهي. پر -ايمني بلاول- ۾ نکاد وڪر سر ناهي. هن راڳڻيءَ جي خاصيت آهي ته ايمن جي شڪل آروهي ۾ ۽ -بلاول- جي شڪل امروهيءَ ۾ ڏيکاري ٿي. هي راڳڻي ايمن ۽ -بلاول- جو مرڪب آهي. هن راڳڻي جي آروهي: ساري گا ما گي مي پا ڌي ني ڌي سا ۽ امروهي: سا ني ڌي پا ما گي ما ري سا آهي ۽ صبح جي وقت ڳائبي آهي. نوٽ: هن راڳڻيءَ جو ذڪر ڪلياڻ -ٺاٺ- جي ضمن ۾ راڳ ساگر ۾ ٿيل ڪونه آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]