ايل. بي. او. ڊي.

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سم ۽ زير زمين پاڻيءَ جي سطح گهٽائڻ لاءِ سنڌو درياهه جي متوازي هڪ سم نالو ٺاهيو ويو آهي، جيڪو عالمي -بئنڪ- ۽ ايشين ڊولپمينٽ -بئنڪ- جي مالي مدد سان 1980ع ۽ 90ع جي ڏهاڪن ۾ کوٽايو ويو هو. -ان- جو مقصد سم واري پاڻيءَ کي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ آهي. ابتدائي ڪاٿي موجب سنڌ جي اڀرندي ۽ ڏاکڻي علائقي ۾ اٽڪل 2.5 ملين -ايڪڙ- زرعي زمين کي فائدو پهچڻو هو. پروجيڪٽ جي ترجيح وارا ضلعا نوابشاهه (موجوده بينظير -آباد-)، سانگهڙ ۽ ميرپور خاص هئا. اها رٿ 1974ع ۾ شروع ڪئي وئي، پر پوءِ وري اڌ ۾ ڇڏي ويئي. زير زمين کارو -پاڻي- نيڪال ڪرڻ لاءِ انهن علائقن ۾ کليل سم ناليون کوٽي انهن جو وڏي نالي ۾ ڇوڙ ڪيو ويو. -ان- سان گڏوگڏ واٽر ڪورسن کي پڪو ڪرڻ به شامل هو ته جيئن واٽر ڪورسن مان -پاڻي- سيمو ڪري زمينن کي خراب نه ڪري. نارا ڪئنال جي ريماڊلنگ، جمڙائو سسٽم جي ٻيهر تعمير ۽ رانٽو ڪئنال جي ذريعي -پاڻي- پهچائي چوٽياريون ڊيم ٺاهڻ هو ته جيئن آبپاشيءَ لاءِ -پاڻي- جي رسد کي وڌائي ۽ سڌاري سگهجي. هن پروجيڪٽ جي ڪل لاڳت 366.5 ملين ڊالر هئي. 1997ع ۾ نارا ڪئنال جي ماڊلنگ کي پروجيڪٽ مان خارج ڪيو ويو، ڇو ته عالمي -بئنڪ- قرض ڏيڻ -بند- ڪري ڇڏيو. پروجيڪٽ مان جيڪي ڪم خارج ڪيا ويا -تن- ۾ نيشنل ڊرينيج پروگرام به شامل هو، جيڪو 1998ع ۾ ايشيائي ترقياتي -بئنڪ- جي گڏيل سيڙپ سان شروع ٿيڻا هئا. جون 2000ع ڌاري 95 سيڪڙو پروجيڪٽ مڪمل ٿي ويو، جڏهن ته 2002ع ۾ سمورو پروجيڪٽ مڪمل ٿيو هو. 1466 ڪلوميٽر ڊگهي مين اسپائنل ڊرين (مکيه وڏو نيڪال) ۽ سرفيس نالين (مٿاڇري وارين نالين) جو ڄار مڪمل ڪيو ويو، رانٽو ڪئنال جي تعمير ۽ چوٽياريون ڊيم جي 55 ڪلوميٽر بندن جي تعمير مڪمل ٿي وئي.[1]

حوالا[سنواريو]