ايلفائينسٽون اسٽريٽ (ڪراچي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ايلفائينسٽون اسٽريٽ

ايلفائينسٽون اسٽريٽ جو هڪ ڏيک
اوله طرف خاتمو ڪيسٽل اسٽريٽ
اوڀر طرف خاتمو ڪلب روڊ

ايلفائينسٽون اسٽريٽ (انگريزي: Elphinstone Street) ڪراچي جي صدر واري تجارجي علائقي جي هڪ روڊ جو نالو آهي.

هن روڊ جو نالو بمبئي جي گورنر مائونٽ اسٽورٽ ايلفائينسٽون جي نالي تان رکيو ويو.ان کي ماڻھو مختصر لفظ ۾ ايلفي اسٽريٽ سڏيندا ھيا ۽ برٽش انڊيا جي ڪراچي جي ھيء بازار ايڏي تہ مشھور ھئي جو کيس ڪائنات جو مرڪز چوندا ھيا. برطانوي دور ۾ اتي جي مشھور دڪانن ۾ غلام محمد اينڊ سنز نالي درزي جو دڪان, بلس اينڊ ڪمپني نالي زيبائشي دوڪان، ايمسن ڊيري اسٽور شامل ھئا.

ھتي جي دڪانن تي امپورٽيڊ شيون ڪثرت سان ملنديون هيون جن ۾ سوئيٽزرلينڊ جو شراب، چاڪليٽ، ڊينش ۽ ڊچ ورائيٽي ميسر ھئي.[1] پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ھن روڊ جو نالو تبديل ڪري زيب النساء اسٽريٽ رکيو ويو.

هڪ دلڪش روڊ[سنواريو]

ايلفائينسٽون اسٽريٽ جي چوڌاري تمام خوبصورت عمارتون موجود هيون، هتي کاڌي پيتي توڙي نشي پتي جا ريسٽورنٽ عام جام هوندا هئا، جنهن لاءِ هتي ڪامورن جي آمد هوندي هئي ۽ ان لاءِ هن روڊ کي صاف سٿرو رکيو ويندو هو. آزادي کان اڳ هن روڊ جي ڪراچي ۾ تمام گھڻي اهميت هوندي هئي. [2]

حوالا[سنواريو]

  1. "The dawn of advertising in Pakistan (1947-2017)". dawn.com. ڊان (اخبار). حاصل ڪيل 9 June 2018. 
  2. "This week 50 years ago: Parking on Elphinstone Street made punishable". dawn.com. dawn (newspaper). حاصل ڪيل 9 June 2018.