ايشور چندر
ايشور چندر- سنڌي ۽ هندي ٻوليءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار ٿي گذريو آهي. هو 30 -جولاءِ- 1937ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ پيدا ٿيو. ميٽرڪ تائين -تعليم- حاصل ڪيائين. ورهاڱي کان پوءِ پنهنجي خاندان سان هندستان هليو ويو، -جتي- راجستان جي شهر -اجمير- ۾رهيو ۽ ريلوي کاتي ۾ نوڪري ڪيائين. هن سنڌيءَ ۽ هنديءَ ۾ تمام گهڻيون ڪهاڻيون لکيون آهن سندس هندي ڪهاڻين جي هڪ ڪتاب تي راجستان ساهتيه اڪيڊميءَ سڀ کان وڏو -انعام- کيس ڏنو ۽ سندس قدرداني ڪئي. سنڌيءَ ۽ هنديءَ ٻولين ۾ سندس ڏهاڪو ڪتاب ڇپيل آهن -جن- جو تفصيل هن ريت آهي: 1. ٿڌا چپ (1965ع)، 2. مئل ماڪوڙو (1966ع)، 3. پنهنجي ئي گهر ۾ (1973ع)، 4. نئين زماني جو ڪوئو (1979ع)، 5. سخت چهري وارو ماڻهو (1980ع)، 6. موٽي آيل ماضي (1881ع)، 7. -ايشور چندر- جو ست ڪهاڻيون (1983ع)، 8. ڇوڪرو ڇوڪري (1983ع)، 9. -اندر جو ڄامڙو -(1984ع)، 10. ساڳيو ئي سوال (1984ع)، 11. هڪ بيمار غزل (1985ع)، 12. رٿ (1986ع پر/ شايد 1987ع). -ان- کانسواءِ سندس هڪ ڪتاب انگريزيءَ ۾ Forgotten پڻ ڇپيو آهي. هن جا ٽي ڪتاب ٿڌا چپ، سخت چهري وارو ماڻهو ۽ اندر جو ڄامڙو سنڌ ۾ پڻ ڇپيا آهن. هن جي ڪهاڻين ۾ سماجي، معاشي ۽ نفسياتي مسئلن جو حل ملي ٿو. ”موهه“ سندس بهترين ڪهاڻين مان هڪ آهي. هن 13 -آگسٽ- 1992ع تي ديهانت ڪئي.[1]