ايشوريا راءِ بچن
ڏيک
ايشوريا راءِ بچن (انگريزي: Aishwarya Rai Bachchan)، (پيدائش 01 نومبر 1973ع)، ھندوستاني اداڪارا ۽ مس ورلڊ 1994ع مُقابلي جي کٽيندڙ آھي. بُنيادي طرح ھيءَ ھندي ۽ تامل فلمن ۾ ڪم ڪندڙ طور ڄاتي وڃي ٿي. ڪامياب اداڪاري واري پيشي سان ھن پاڻ کي انڊيا جي سڀني کان وڌيڪ مشھور ۽ بااثر شخصيتن مان ھڪ طور قائم رکيو[1][2]. راءِ ڪيتريون ئي مَڃتائون حاصل ڪيون، جھڙوڪ: ٻہ فلم فيئر ايوارڊ، ھندوستان جي حڪومت پاران 2009ع ۾ کيس پدما شري جي اعزاز سان نوازيو ويو، فرانس جي حڪومت پاران 2012ع ۾ کيس آرڊر ڊيس آرٽس ايٽ ڊيس ليٽرس (Ordre des Arts et des Lettres) جي اعزاز سان نوازيو ويو. اڪثر ميڊيا پاران "دُنيا جي سڀ کان وڌيڪ خوبصورت عورت" طور سندس حوالو ڏنو ويندو آھي.[3][4]
شروعاتي زندگي
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "India's Most Influential - TIME". Time (آمريڪي انگريزي ۾). 2007-08-15. ISSN 0040-781X. 2021-12-06 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "India's Celebrity Film Stars". Forbes (انگريزي ۾). 2021-12-06 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "The World's Most Beautiful Woman? - CBS News". web.archive.org. 2013-10-29. 2021-12-06 تي حاصل ڪيل.
- ↑ York, Aseem Chhabra in New. "Ash does fine on Letterman". Rediff (انگريزي ۾). 2021-12-06 تي حاصل ڪيل.
زمرا:
- CS1 آمريڪي انگريزي-language sources (en-us)
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- 1973ع جون پيدائشون
- ويهين صدي جون ڀارتي اداڪارائون
- ايڪيهين صدي جون ڀارتي اداڪارائون
- ممبئي جون اداڪارائون
- بنگالي سئنيما ۾ اداڪارڻيون
- ھندي سنيما ۾ اداڪارائون
- تامل سئنيما ۾ اداڪارائون
- تيلگو سئنيما ۾ اداڪارائون
- ڀارتي فلمي اداڪارائون
- جيوت ماڻهو
- فن ۾ پدما شري حاصل ڪندڙ