ايس. ايم. لا ڪاليج ٽنڊو الھيار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هن نالي سان هڪ ڪاليج تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ نصرپور روڊ تي واقع آهي، جيڪو ماڊل ايڊيوڪيشنل ڪوآپريٽو سوسائٽي، ٽنڊي الهيار جي سرپرستيءَ هيٺ 1956ع ۾ قائم ڪيو ويو. هن ڪاليج کي 1972ع ۾ سرڪار جي نگرانيءَ ۾ ڏنو ويو. 1974ع ۾ هن ڪاليج کي ڊگري ڪاليج جو درجو ڏنو ويو ۽ پڻ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري سان منسلڪ ڪيو ويو. 1990ع ۾ ڪاليج کي نئين عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو. هيءُ ڪاليج اٺن ايڪڙن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. هن وقت هيءُ ڪاليج مختلف مضمونن ۾ ڊگري ڪورس ڏيئي رهيو آهي، جهڙوڪ: اقتصاديات، پوليٽيڪل سائنس، مسلم هسٽري ۽ اسلامي ڪلچر وغيره. هن ڪاليج ۾ شاگردن کي ڪرڪيٽ، بيڊمنٽن، فٽ -بال- ۽ هاڪيءَ جهڙيون رانديون پڻ ڪرايون وينديون آهن. هن ڪاليج جي لائبرريءَ ۾ چار هزار ڪتاب آهن. هن ڪاليج ۾ فزڪس، ڪيميسٽري، باٽني ۽ زولاجيءَ جي تجرباتي سکيا لاءِ ليبارٽريون پڻ موجود آهن.[1]

حوالا[سنواريو]