ايروڪواس قبيلن جون نياتون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

رتَ جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين واري نظام هيٺ قديمي ڪٽنبي سرشتي کي نئين ترتيب ڏئي بيهارڻ وارو ڪارنامو، مارگن حقيقي مثالن ڏيڻ ڪري ڏيکاريو ثابت به ڪري ڏيکاريو آهي ته: (1) آمريڪي انڊين قبيلن ۾ رتَ جي رشتن تي ٻڌل مٽين مائٽين وارا گروھ جن کي سڃاڻپ لاءِ جانورن جا نالا ڏنا ويندا هئا. پنهنجي انهيءَ نظام جي ڍانچي، روح ۽ جوهر ۾ سندن نظام به قديم يوناني ۽ رومن نياتن سان بلڪل ٺهڪي اچي ٿو. (2) ته آمريڪي انڊين نياتون به خود قديمي عالمي نظام جو اصلوڪو سچو روپ آهن. (3) ته يوناني ۽ رومن نياتون پڻ ڄڻ ته انهن وانگر پيدا ٿيل يا سندن نقل ڪيل روپ هيون. (4) ته قديم زماني ۾ سمورن يوناني ۽ رومن سماجي سرشتن يعني ڪٽنبن، نياتن، برادرين ۽ قبيلن ۾ ساڳيو آمريڪي انڊين قبيلن وارو نظام موجود هوندو هو. (5) ته جيتري تائين اسان جا ڄاڻ ذريعا ڪم ڪن ٿا، اهو ساڳيو نياتي قسم وارو نظام سمورن اڻسڌريل معاشرن ۾ سندن سڌرڻ واري دور ۾ داخل ٿيڻ واري دور تائين هڪڙي ئي قسم جو هوندو آهي ۽ ان کانپوءِ وارن زمانن ۾ پڻ ساڳيو رهندو آيو آهي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. [https://web.archive.org/web/20170912012047/http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=318 آرڪائيو ڪيا ويا 2017-09-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. ڪٽنب، ذاتي ملڪيت ۽ رياست جي شروعات، ليکڪ؛ فريڊرڪ اينگلس