ايراٽوس ٿينيز
ايراٽوسٿينيز Eratosthenes | |
---|---|
![]() | |
پيدائش | 276 BC Cyrene سائريني |
وفات | 194 BC اسڪندريه |
پيشو |
|
شھرت جو ڪارڻ | Sieve of Eratosthenes جاگرافي جو باني |
ايراٽوسٿينيز يا اريٽوسٿينز(انگريزي: Eratosthenes ): ھي موجوده ليبيا جي ھڪ جاء سائريني ۾ سن 276 ق م ۾ پيدا ٿيو.يوناني دنيا ۾ سفر ڪندو رھيو . اٿينز ۽ اسڪندريہ ۾ تعليم حاصل ڪيائين، ۽ پوءِ اسڪندريہ جي عظيم لائبريري جو لائبريرين بڻيو.ھي ھڪ يوناني فلڪياتدان ۽ رياضيدان ھو. ھي پھريون فرد ھيو جنھن زمين جي جسامت کي ماپيو. ھن کي جاگرافيءَ جو باني سمجھيو ويندو آھي. نه رڳو ھن لفظ جاگرافي کي بيان ڪيو پر اهڙا اصول بہ ڏنا جن ذريعي ڌرتيءَ تي جاين کي ماپڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو رھيو.[1]
پنھنجي دؤر جي سڀ کان عظيم مصر جي گاديءَ جي ھنڌ اسڪندريہ ۾ ھڪ شخص اريسٽوٿينز ھيو. ان سا ھڪ حسد ڪندڙ ھم عصر کيس بيٽا (beta) چوندو ھيو جيڪو يوناني ٻوليءَ جو ٻيون نمبر اکر آھي.ان جو چوڻ ھيو تہ اريٽوسٿينس دنيا جي ھر علم ۾ ٻيون نمبر آھي، پر ھاني اھو ثابت ٿي چڪو آهي تہ ھي ھر علم ۾ الفا (alpha) يعني پھريون نمبر ھو. ھي ھڪ ماھر فلڪيات، تاريخدان، شاعر، فلسفي، جاگرافيدان، ڊرامي جو نقاد، رياضيدان ۽ ان کان سواءِ اسڪندريہ جي شاندار لائبريري جي نگران اعلي بہ ھيو.ان جيڪي ڪتاب لکيا ان جا موضوع علم فلڪيات کان وٺي "سور کان نجات" تائين ڦهليل آهن.ھڪ ڏينهن لائبريري ۾ وڻ جي ڇوڏي (papyrus)تي لکيل ھڪ ڪتاب ۾ پڙھيائين تہ سائني (Syene)جي ڏاکڻي سرحدي علائقي ۾ نيل نديءَ جي پھرين آبشار ويجھو 21 جون جي منجھند جو زمين تي ٽنبيل عمودي يا اڀي سڌي ڪاٺيءَ جو پاڇو نہ ٿيندو آهي.جڏھن سج گرمين ۾ خط استوا جي صفا اتر يا ڏکڻ ۾ ھوندو آھي يعني سال جو سڀ کان وڏو ڏينهن. جيئن جيئن منجھند ٿيندي آھي تہ مندرن جي منارن جا پاڇا ننڍا ٿيندا ويندا آهن ۽ بلڪل ٻن پھرين جي وقت غائب ٿي ويندا آهن، ۽ سج جو عڪس اونھي پاڻيءَ واري کوھ ۾ به ڏسي سگھبو آھي جو سج بلڪل مٿي جي مٿان ھوندو آھي.اھو ھڪ مشاھدو ھيو جيڪو ڪوئي بہ عام ماڻھو آساني سان نظرانداز ڪري سگھيو پئي.پر ارسٽوسٿينس جي حاضر دماغي کيس ھڪ تجربي ڪرڻ جو خيال ڏنو تہ ڇا 21 جون تي اسڪندريہ ۾ عمودي يا اڀي ڪاٺي ٽنبڻ سان پاڇو ڏيندي. جڏھن ڪري ڏٺئين تہ خبر پئي تہ پاڇو ڏئي پئي. ھن پاڻ کان سوال ڪيو تہ اھو ڪيئن ممڪن آهي ساڳي وقت ساڳي ڪاٺي سائني (Syene) ۾ پاڇو نہ پئي ڏي ۽ 800 ڪلوميٽر پري اسڪندريہ ۾ وري پاڇو ڏيکاري پئي. جيڪڏهن ٻنھي ھنڌن تي ساڳي وقت آھي پاڇو نہ ڏيکارن ھا يا ٻنھي طرف برابر پاڇو ڏيکارن ھا تہ ان جو مطلب صاف اھو ھجي ھا تہ زمين پليٽ وانگر سڌي آھي پر ھتي صورتحال مختلف ھئي اريٽوسٿينس سمجھي ويو تہ ان جو ممڪن جواب صرف اھو آھي تہ زمين گول آھي ۽ جيتري زمين جي گولائي ھوندي اوترو ڊيگھ ۾ پاڇن جو فرق ھوندو. ھن ڏٺو تہ نقشي ۾ اسڪندريہ ۽ سائني جي وچ ۾ زميني فاصلي تي ٻنھي ڪاٺين جي ٽنبڻ واري جاء کي زمين جي مرڪز سان ملائجي تہ اھي لڪيرون ھڪ ٻئي کي ڪٽڻ وقت ست ڊگري جي جي ڪنڊ ٺاھينديون جيڪا 360 ڊگري جو پنجاھون حصو آهي يعني زمين جي مڪمل قطر جو پنجاھون حصو. جڏھن ان 50 کي اسڪندريہ ۽ سائني جي ماپيل 800 ڪلو ميٽر فاصلي سان ضرب ڪئي تہ نتيجو 40000 ڪلو ميٽر نڪتو جيڪو ھن مطابق زمين جو قطر ھيو. اھو اڄوڪي ماپيل قطر کان معمولي فرق سان بلڪل صحيح جواب ھيو. ٻه ھزار سال اڳ زمين جو قطر معلوم ڪرڻ ۾ ارٽوس ٿينز جيڪي اوزار استعمال ڪيا اھي ٻہ ڪاٺيون، اکيون،پير، دماغ۽ تجربي ڪرڻ جو شوق. اھا ھڪ حيرت انگيز ڪاميابي ھئي جنھن سان ھڪ گرھ جي ماپ جي خبر پئجي وئي.[2].