ايراني پير نوندو ماڳ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيءَ ماڳ -پٿر- ڪمائڻ جي فيڪٽري آهي جنهن جو تعلق پيليوليٿڪ دور ( -پٿر- جي آڳاٽي دور ) سان آهي . ھي ماڳ پير نوندو درگاهه کان ڏيڍ ڪلوميٽر -اتر- ۾ روھڙيءَ واري -ٽڪر- ۾ ، سکر ضلعي ۾ آهي . ھن ماڳ جي -اتر- اولهه ۾ ھڪ ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي ايراني پير آھي . ھن ماڳ تائين پھچڻ لاءِ خيرپور کان لونگ فقير ۽ شادي شھيد واري واٽ وٺڻي پوندي . لونگ فقير ، خيرپور کان 13 ڪلوميٽر -اوڀر- ۾ آھي ، جتان شادي شھيد ھڪ ميل ، درگاهه ڇتن شاهه -ان- کان به اڳتي ھڪ ميل ، ۽ ذڪر ھيٺ آيل ماڳ ٻه ميل -اوڀر- ۾ آھي . ھتي اٽليءَ جي آرڪيالاجسٽن ڪم ڪيو آھي . ھن -ٽاڪرو- ڇت -تان- پٿرن جون ڪورون ( cores ) مليون آھن -جن- -تان- گھڻي نفاست ۽ مھارت سان ننڍيون وڏيون ڇريون ( blades ) ڇلي لاٿيون ويون ھيون . ڇريون ڇلڻ کان پوءِ انھن ڪورن جي صورت -بندوق- جي گولين جھڙي ٿي پوي ٿي . ساڳي ٽڪريءَ جي ڏاکڻي موڪري ڇت تي -پٿر- جي اوائلي دور جي اڻ ڇھيل سائيٽ ملي آھي . هتان ڪجهه ھٿ ڪھاڙيون ، بي شمار چٿڻا ، کرچڻا ، آڇر ، ڇٿڙ ۽ ڪورون ( cores ) مليون آھن.[1]

حوالا[سنواريو]