ايراني شھزادي (ناول)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو لکيل هي تاريخي ناول هفته وار ’عبرت‘ جي ڪتابي سلسلي جي 6 -آگسٽ- 1944ع واري شماري ۾ شايع ٿيو. ناول ۾ سال 16ھ ۾ ايراني -بادشاهه- يزد جرد طرفان سندس وڃايل حڪومت حاصل ڪرڻ جي سميءَ جو ذڪر آهي. خلافت راشده جي دور جي فتوحات جو هيءُ آخري معرڪو هو. ناول ۾ چاليهه صفحا آهن ۽ قيمت ڇهه -آنا- اٿس. هاشمي پرنٽنگ پريس حيدرآباد ۾ ڇپيو.[1]

حوالا[سنواريو]