ايبولي شنسٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
"Am I Not a Man and a Brother?", 1787 medallion designed by Josiah Wedgwood for the British anti-slavery campaign

ايبو لي شنسٽ __Abolitionist رد ڪندڙ/ منسوخي پسند :

هيءُ اصطلاح ڪنهن اهڙي شخص يا رويي جي لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جيڪو دُنيا مان هر قسم جي ٻانهپ کي ناجائز سمجهي، اُن جي خاتمي لاءِ پتوڙي. جيئن ته ’غلامي‘ هڪ گهڻ-رُخو تصور آهي ، تنهنڪري هن اصطلاح ذريعي قومن جي هڪ ٻئي مٿان قبضي ۽ ڪنهن مخصوص قسم جي متڀيد جي بُنياد تي آباديءَ جي ڪنهن به حصي طرفان ٻئي حصي جي ٿيندڙ ڦر لٽ کي واضح ڪيو ويندو آهي. هن تصور جي وڏن حامين ۾ آمريڪا جو اڳوڻو صدر ابراهام لنڪن 1809-1865 ۽ ڪاري چمڙيءَ وارن آمريڪي شيدين جو اڳواڻ مارٽن ليوٿر ڪنگ جونيئر 1968-1929تمام گهڻا مشهور آهن. ان کان علاوه ڪنهن به با اختيار اداري طرفان مُدي خارج يا عوامي مفادن خلاف جُڙيل قانون جي منسُوخي لاءِ به ساڳيو اصطلاح استعمال ڪيو ويندو آهي[1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب: بين الاقوامي تعلقات جي لغت ؛ مرتب: انعام شيخ؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي