اوھلن وارو نظريو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

اوهلن وارو نظريو___ يا ___بين الاقوامي واپار جو جديد نظريوOhlin’s Theory___ or___ Modern :Theory of International Trade

مٿي سمجهي آيا آهيون ته بين الاقوامي واپار جو بنياد، نسبتي يا تقابلي لاڳتن جي تفاوت ڪري وجود ۾ اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن جدا جدا ملڪن ۾ شين جون لاڳتون نسبتي طور تي جدا جدا هونديون ته پوءِ واپار ۾ به فائدو ٿيندو، پر اسان ڏٺو ته نسبتي يا تقابلي لاڳتن وارو ڪلاسيڪي نظريو، انهيءَ ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ کان قاصر آهي ته آخرڪار (بنيادي طور) انهن لاڳتن ۾ فرق ڇو ٿو ٿئي؟ ۽ بين الاقوامي خاص مهارت ڇو ٿي وجود ۾ اچي؟ انهيءَ ڳالهه کي واضع طور بيان ڪرڻ لاءِ سوئيڊن جي اقتصاديات جي هڪ ماهر، ”برٽل اوهلن“ 1933ع ۾ هڪ ڪتاب ”بين الطبقاتي ۽ بين الاقوامي واپار“ نالي لکيو، جنهن ۾ هن پهريون ڀيرو انهيءَ ڳالهه جي سٽائتي سمجهاڻي ڏني، ان ۾ اهو ڄاڻايائين ته جدا جدا ملڪن ۾ شين جون قيمتون نستبا جدا جدا ڇو ڇو ٿيون ٿين؟ اوهان جي راءِ پٽاندڙ، پهريائين مختلف ملڪن ۾ مختلف شين جي لاڳتن کي خيال ۾ رکيو وڃي ۽ پوءِ انهيءَ ڳالهه جو جائزو ورتو وڃي ته ڪنهن ملڪ ۾ شين جي سستي هجڻ ۾ وياج جي گهٽ اگهه، گهٽ مزوريءَ وغيره جو ڪيترو اثر آهي. جڏهن اهو معلوم ٿي وڃي ته پوءِ ڪجهه قدم اڳتي وڌائجي ۽ اهو معلوم ڪجي ته قيمتن جي مقرري ڪهڙين ڳالهين تي مدار رکي ٿي ۽ انهن جو پيدائش جي جزن ۽ مزوري وغيره سان ڪهڙو لاڳاپو ٿي سگهي ٿو؟ ذڪر ڪيل پهرين ڳالهين کي قدرت جي طرفان جزن جي بخشش سڏيو وڃي ٿو. پوين کي جزن جو شين ۾ استعمال چئجي ٿو، وضاحت لاءِ اوهلن جو نظريو ڏجي ٿو: ”جدا جدا شين جي پيداوار لاءِ جدا جدا پيدائش جا جزا ڪم اچن ٿا ۽ هر ملڪ کي قدرت جي طرفان جدا جدا پيدائش جي ذريعن سان نوازيو ويو آهي، جدا جدا ملڪن جي حالت ۾ نسبتي يا تقابلي لاڳتن ۾ فرق ان ڪري ٿو اچي جو هر ملڪ ۾ پيدائش جي جزن جون قيمتون نسبتا جدا جدا آهن. اهو وري انهيءَ ڪري آهي جو هر ملڪ ۾ پيدائش جي جزن جي محدوديت يا اڻاٺ ۾ فرق آهي. جزن جو محدود هجڻ وري انهيءَ ڪر مختلف آهي، جو جدا جدا ڀاڱن ۾ جزن جي بخشش يا جدا جدا ڀاڱن ۾ وري جزن جي بخشش جي مختلف هجڻ جو سبب ڪجهه قدرتي يا تاريخي واقعات يا سبب آهن ته ڪي قدر وري جدا جدا ڀاڱن ۾ پيدائش جي جزن جي عدم نقل پذيري آهي. جيستائين جدا جدا ملڪن ۾ پيدائش جي جزن جي طلب ۾ فرق ۽ رسد ۾ فرق ٻئي بلڪل برابر نٿا ٿين، تيستائين جزن جي قيمتن ۾ فرق ٿيندو رهندو، اهڙيءَ طرح هر ملڪ کي انهيءَ شيءِ جي خاص مهارت حاصل ڪرڻ ۾ فائدو ٿيندو رهندو، جنهن جي ٺهڻ ۾ پيدائش جو اهو جزو وڌيڪ استعمال ٿيندو جيڪو هن کي قدرت جي طرفان تمام گهڻو عطا ڪيل آهي“. اوهلن نموني طور ٻن مختلف ملڪي ڀاڱن يا حصن کي مثال طور ورتو، هتي اهو ظاهر ڪرڻ لازمي آهي ته هن ڪيتريون ئي ڳالهيون فرض ڪري ورتيون، جن جو اڳتي هلي بيان ڪبو. هن جو چوڻ آهي ته ”هر شيءِ جي ٺاهڻ لاءِ پيدائش جي جزن جي جدا جدا مقدار جي ضرورت آهي ۽ هر حصي ۾ هنن جزن جو مقدار مختلف ٿئي ٿو. ڪنهن ۾ ڪو جزو گهڻو ٿو ٿئي ته ڪنهن ۾ اهو ٿورو ٿو ٿئي، ان ڪري هر ڀاڱي ۾ اها شيءِ سستن پئسن ۾ تيار ٿيندي، جنهن جي ٺهڻ ۾ پيدائش جا جزا گهڻي مقدار ۾ کپندا، جن جي انهيءَ ڀاڱي ۾ قدرتي طور گهڻائي آهي“. انهيءَ ڪري لازمي آهي ته هو اها شيءِ برآمد ڪندو جنهن جي ٺهڻ ۾ گهٽ خرچ اچي ٿو.[1] ان مان معلوم ٿيو ته هن نظريي جي مکيه سمجهاڻي اها آهي ته هر ملڪ انهيءَ شيءِ جي پيداوار ۾ خاص مهارت حاصل ڪندو، جنهن جي پيدائش جي جزن جي اتي گهڻائي هوندي، ڇاڪاڻ ته اهڙي قسم جي پيداوار هو سستي اگهه ۾ تيار ڪري جھجھي مقدار ۾ ٻين ملڪن کي برآمد ڪندو، وري اها پيداوار جنهن جي جزن جي گهڻائي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ آهي ۽ اتي سستي اگهه تي پيدا ٿي سگهي ٿي ته مٿيون ملڪ اها شيءِ اتان درآمد ڪندو، مثال طور زمين، پورهيو ۽ موڙي پيداوار جا مکيه ذريعا آهن ۽ فرض ڪريو ته ڪڻڪ جي پيداوار لاءِ پورهئي ۽ موڙيءَ جي مقابلي ۾ گهڻي زمين جي ضرورت آهي ته پوءِ اهي ملڪ جتي زرخيز زمين نسبتي طور تي گهڻي هوندي، تتي ڪڻڪ سستي پيدا ٿيندي. ان جي ابتڙ وري جيڪڏهن ڪپڙي ۽ رُڪ جي پيداوار لاءِ زمين جي ڀيٽ ۾ پورهئي ۽ موڙيءَ جي وڌيڪ ضرورت آهي ته پوءِ اهي ملڪ جن ۾ پورهيو ۽ موڙي نسبتي طور تي وڌيڪ هوندا، رُڪ ۽ ڪپڙو سستو پيدا ڪندا. اهڙيءَ طرح پهرئين قسم جا ملڪ ڪڻڪ برآمد ڪري ڪپڙو ۽ رُڪ درآمد ڪندا، ته ٻئي قسم جا ملڪ وري ڪپڙو ۽ رُڪ برآمد ڪري ڪڻڪ درآمد ڪندا.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. Bertil Ohlin, “Inter-regional and International Trade”, 1933:p.20.
  2. ڪتاب:بين الاقوامي اقتصاديات؛ ليکڪ: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ؛ايڊيشن: ۱۹۷۰؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو