اوگھڙ
ڏيک
اوگهڙ:هندن ۾ گورکناٿ جو فرقو، جيڪي شِوَ جي پوڄا ڪندا آهن. هيءَ اصل ۾ ترڪستان جو اُئگر قبيلو هو، جيڪي -ٻڌمت- جا مڃيندڙ ۽ چنگيز خان جي درٻار م لکڻ جو ڪم ڪندڙ (ڪاتب) هئا، هنن کي ڀکشو چوندا هئا، ڇو ته هو ٻؤت ڀَکشو هئا. -ان- کان پوءِ اولهه ايشيا ۾ ”ڀ“ جو اچار ”ب“ ۽ ”کش“ جو اچار ”خش“ ٿيڻ ڪري هُو ”ڀکشو“ مان ”بخشو“ ٿي، بخشي بـڻـجـي ويـا. هـنـد- پاڪ ۽ ڪشمير ۾ سندن دَخل هندو/مسلم ٻنهي ۾ هو، -ان- ڪري بخشي غلام محمد ۽ بخشي ٽيڪ چند به سڏيا. هن وقت (هن قبيلي وارا) صرف چين ۾ آهن ۽ مسلمان آهن. روايت آهي ته انهن گورکناٿ جو مَتو (عَمل) قبول ڪيو، -ان- ڪري هِتي ”اُئگر“ مان -اوگهڙ- مشهور ٿي ويا.[1]