اوچتو ڦاٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٺٽي ضلعي ۾ سنڌونديءَ جو هڪ ڦاٽ، جيڪو 1907ع ۾ سنڌونديءَ جي مکيه ڇوڙن ۾ شمار ٿيندو هو. هي ڦاٽ اڃا تائين موجود آهي. -ٺٽي- ضلعي جي ٻن شهرن ٻگهاڻ ۽ ڳاڙهي جي وچ مان لنگهي ٿو ۽ ڦرندو گهرندو ڪيٽي -بندر- وٽ سمنڊ ۾ ڪري ٿو. اصل ۾ هي ڪوٽڙي الهه رکيي شاهه وٽان ڦُٽي، ڳاڙهي، گهوڙاٻاريءَ ۽ ڪيٽي -بندر- کان ٿيندو، کاري ڇاڻ تائين ويندو هو ۽ حجامڙي کاريءَ ذريعي سمنڊ ۾ داخل ٿيندو هو. هن تي ”اوچتو“ نالو پوڻ جو سبب شايد درياهه جي اتان اوچتي ڦاٽ ٺهڻ جي ڪري پيو هجي. اڳي هيءُ، شاهي وهڪرو هوندو هو، پر هاڻي اهو ننڍڙو ٿي ويو آهي ۽ نٿو وهي. البت -ان- ۾ برساتن ۽ سم جو -پاڻي- هوندو ئي هوندو آهي. ماڻهو مشين ذريعي اهو -پاڻي- ڇڪي، -ان- تي ڪيلو ۽ ٻي آبادي ڪن ٿا.[1]

حوالا[سنواريو]