اونڌو ٻانڌو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اونڌو ٻانڌو- -ٿر- ۾ کوهن جي کوٽائيءَ جو هڪ قسم آهي، جنهن جي شروعات ٿرپارڪر ضلعي ۾ تعلقي ڇاڇري جي هڪ ڳوٺ راوتسر جي رهاڪو مولوي عبدالحق چانڊيي (1939-1874ع)، نوَ تيرهي سِرن جي ايجاد سان ڪئي. هن -ٿر- جي رهواسين جي مشڪل آسان ڪئي. پراڻي زماني ۾ -ٿر- جا ماڻهو کوهه وڏي مشڪل سان گهڻي خرچ ۽ گهڻي مدت ۾ تيار ڪندا هئا، شروع ۾ تمام ڪشادا کوهه کوٽيندا هئا، ڪماڻين سان جهلي -پاڻي- تائين کوٽي ويندا هئا ۽ پوءِ -تري- کان سرن يا پٿرن سان مٿي ٻڌڻ شروع ڪندا هئا، جنهن ۾ وڏي تڪليف ۽ جان جو به جوکو هوندو هو. مولانا عبدالحق چانڊيي هڪ نئون طريقو ايجاد ڪيو، جنهن جو نالو ”-اونڌو ٻانڌو-“ رکيائين. -ان- جي سرن جو ڪارب مولانا عبدالحق 13x9 -انچ- تيار ڪرايو. هن سر جي ڊيگهه 13 -انچ- ۽ ويڪر 9 -انچ- هئي. اها جڏهن کوهن جي اندر گول دائري ۾ چونڊبي آهي ته هن جو 9 -انچ- وارو -پاسو- اندرين ۽ 13 -انچ- وارو -پاسو- ٻاهرين طرف ايندو آهي. جنهن ڪري کوهه مضبوط ٿئي ٿو ۽ آسانيءَ سان اوساري توڙي مرمت ڪري سگهجي ٿي. مولانا عبدالحق پنهنجي هٿن سان اهڙو کوهه، مسجد راوت سر لڳ -اوڀر- پاسي ٺاهيو، جيڪو اڄ به موجود آهي. مولانا اهڙا -ٿر- ۾ ٻيا به ڪيترائي کوهه ٺهرايا، جيڪي ”اونڌي -ٻانڌي-“ کوهه جي نالي سان ياد ڪيا وڃن ٿا. هن قسم جو کوهه هڪ مهيني ۾ کوٽجي تيار ٿئي ٿو. اڳ ۾ ٽي سال کوهه جي کوٽائي ۾ لڳي ويندا هئا، هاڻي گهٽ خرچ، گهٽ وقت، گهٽ تڪليف ۽ گهٽ ماڻهن سان هن قسم جا کوهه ٺهي سگهن ٿا.[1]

حوالا[سنواريو]