اومني بس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اومني بس (Omnibus) لفظ اومني بس جي معنيٰ آهي وڏي بس، جهڙوڪ لنڊن ۾ هلندڙ ڊبل ڊيڪر، پر علم ۽ ادب ۾ ان جي معنيٰ ٿيندي: ڪنهن ليکڪ جي مڙني لکڻين جو گڏيل هڪ مجموعو. مثلاً ڪنهن به تخليقڪار جي ڪهاڻين، ناولن، شعرن، خطن ۽ مضمونن جو گڏيل مجموعو. انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ انيڪ ليکڪن جا ان قسم جا ادبي مجموعا نڪرندا رهندا آهن. خاص ڪري نثر جي حوالي سان ’مدد علي سنڌيءَ جو ”دل اندر درياوَ“ شايع ٿيل آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي.