اول (پاڻي)
ڏيک
پاڻيءَ جي وهڪري (درياهه يا واهه) ۾ لڙهندڙ گند ڪچرو. عام طور تي درياهه ۾ ڪرندڙ وڻ، ڪاٺ، ڪک ۽ پن وغيره پيا لڙهندا آهن. پوءِ اهو ڪچرو درياهه جي ڪنهن گهنڊيءَ ۾ ڪري، يا وهڪري جي گهٽجڻ ڪري گهُمري ۾ اچي، ڪنهن هنڌ ننڍي -پاڻي- ۾ بيهي رهندو آهي. انهيءَ گڏيل ڪچري کي ’-اول-‘ چوندا آهن. ڪن جاين تي’اولڙ‘ به چون.[1]