اولي الامر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اولي الامر(انگريزي: Persons having authority) اھي آھن جن جي الله جي اطاعت ، رسول جي اطاعت کان پوء اطاعت ڪرڻ واجب آهي[1]. ان جي مفھوم ۾ اھي سڀ ماڻھو شامل آهن جيڪي مسلمانن جي اجتماعي معاملن جا سربراھ آھن جن ۾ ذھني ۽ فڪري رھنمائي ڪرڻ وارا عالم، سياسي رھنمائي ڪرڻ وارا ليڊر، ملڪي انتظام ھلائڻ وارا ، عدالتي فيصلا ڪندڙ جج، تمدني ۽ معاشرتي معاملن ۾ قبيلن ۽ وسندين ۽ محلن جي سربراهي ڪندڙ شيخ ۽ سردار ۽ ھر اھو جيڪو مسلمانن جو صاحب امر آھي اھو اطاعت جو مستحق آهي ۽ ان جو نزاع ڪري مسلمانن جي اجتماعي زندگيءَ ۾ خلل وجھڻ درست ناھي[1]. شرط اھو آھي تہ اھو صاحب امر مسلمانن جي گروھ مان ھجي ، الله ۽ ان جي رسول جو فرمانبردار ھجي. قرآن فرمائي ٿو ته:

يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا أَطِيعُوا اللَّهَ وَأَطِيعُوا الرَّسُولَ وَأُولِي الْأَمْرِ مِنْكُمْ ۖ فَإِنْ تَنَازَعْتُمْ فِي شَيْءٍ فَرُدُّوهُ إِلَى اللَّهِ وَالرَّسُولِ إِنْ كُنْتُمْ تُؤْمِنُونَ بِاللَّهِ وَالْيَوْمِ الْآخِرِ ۚ ذَٰلِكَ خَيْرٌ وَأَحْسَنُ تَأْوِيلًا
ترجمو:اي ايمان وارؤ! الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ اوھان مان جيڪو اولي الامر ھجي تنھن جي (بہ)، پوءِ جيڪڏھن ڪنھن شئي بابت جھڳڙو ڪريو تہ جيڪڏھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھيو تہ ان کي الله ۽ پيغمبر جي حُڪم ڏانھن رجوع ڪريو، اِھو ڀلو ۽ نتيجي جي ڪري ڏاڍو چڱو آھي

— النساء: 59

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه :363,364