اوساري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سرن جي اوساري---(Brick Masonary)

سرن جي اوساريءَ جي فن ۽ انھيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ مختلف اوساريءَ جي ترتيبن کي چڱيءَ طرح سان بيان ڪرڻ واسطي انھيءَ فن ۾ استعمال ٿيندڙ ٽيڪنيڪي لفظن جي وصفن جي ڄاڻ رکڻ نھايت ئي ضروري آھي تھ جيئن ھن قسم جي فن کي سمجھڻ ۾ دقت محسوس نھ ٿئي. انھيءَ واسطي ھن ڪاريگريءَ ۾ عام طرح سان استعمال ٿيندڙ لفظن جي وضاحت، ھيٺ بيان ڪجي ٿي: (i) ٻانھين (Stretchers): عام معياري سر جي ٻن ٩ انچ ڊگھن پاسن کي سڏيو وڃي ٿو. (ii) سيرو (Headers): سر جي ٻن 41/2 انچ ويڪرن پاسن کي ڪوٺجي ٿو. (iii) ڪڇ (Quoin): ڀت جي انھيءَ ٻاھرين ظاھر ڪنڊ کي چئجي ٿو جيڪا ڪنھن بھ سر جي سڌي بار (Course) مٿان سرن جي عمودي صورت ۾ ملڻ سان ٺھي ٿي. ھن جو ھڪ پاسو ۽ ھڪ ڪنڊ ھڪ طرف کان اسٽريچر (Stretcher) جي صورت ۾ ۽ ٻيو پاسو ھيڊر (Header) جي صورت ۾ نظر اچن ٿا. دراصل، لفظ “Quoin” فرينچ ٻوليءَ جي لفظ “Coin” مان نڪتل آھي، جنھن جو مطلب آھي ڪنڊ (Angle or Corner). (iv) اسڪئنٽ ڪوائن (Squint Quoin): اھڙي نموني ۾ گھڙيل يا ٽڪيل سر جنھن رستي عمودي ڪنڊ کان علاوه ٻئي ڪنھن بھ نموني جي سوڙھي (Acute) يا ويڪري (Obtuse) ڪنڊ ٺھي تھ انھيءَ کي اسڪئنٽ ڪوائن (Squint Quoin) ڪوٺجي ٿو. (v) دٻي (Frog): سر مٿان وچ ۾ ٺاھيل اھا کڏ جنھن ۾ اڪثر طور سرن ٺاھيندڙ ڪمپنيءَ جو مختصر نالو پڻ ڄاڻايل ھوندو آھي انھيءَ کي “Frog” يا “Indent” سڏيو ويندو آھي، ھيءَ کڏ گاري يا مسالي ڀرڻ سان ٻن سرن درميان پڪڙ يا گرفت مھيا ڪرڻ ۽ سر جو وزن گھٽائڻ جو پڻ ڪم ڏيئي ٿي. استعمال جي لحاظ کان ھڪ معياري سر کي ٽڪي ۽ ضرورت مطابق ڪم آڻڻ دوران ھيٺ ڄاڻايل فني اصطلاح چوڻ ۾ اچن ٿا: (vi) ڊيلي (Queen Closer): سر کي ڊگھائيءَ ۾ ٽڪي ٻن21/4 انچ ويڪرن ۽ ٩ انچ ڊگھن حاصل ڪيل حصن کي چئجي ٿو. (ڏسو شڪل نمبر 3-vi). ھي اڪثر طور تي “Quoin Header” کي گھربل پدو (Lap) چاڙھڻ واسطي استعمال ڪيا ويندا آھن. ٻن اڌ Queen Closers کي پاڻ ۾ ملائي Queen Closer طور ڪم آڻي سگھجي ٿو. (vii) ڪنگ ڪلوزر (King Closer): ديوارن ۾ دروازا، دريون، روشندان ۽ ٻيون اھڙيون شيون مھيا ڪرڻ واسطي ڇڏيل خالن (Openings) جي ٻانھين (Jambs) وٽ سرن جي ھر ٻئي بار مٿان ھڪ Header face ۽ پوءِ Closer يا سر جو ¼ ويڪرو حصو ضرور لڳائڻا پوندا آھن. انھيءَ واسطي انھيءَ سان گڏوگڏ سر جي ¼ حصي جيتري اوچائيءَ گھٽائڻ ۽ لڳاتار اڀن جوڙن نھ ٺاھڻ واسطي ٻن سرن جي ٻن ٽڪيل حصن يا ٽڪرن کي استعمال ڪيو ويندو آھي ۽ انھن کي ئي “King Closers”ڪوٺيو ويندو آھي. ھنن جي استعمال سان ڀتين جي خالن جا پاسا ڪنھن بھ گھربل صورت ۾ ٺاھي سگھبا آھن. (viii) سرن جا ٽڪر يا ٽوٽا (Bats): ڊيگھھ يا ويڪر جي رخ ۾ ڀڳل سرن جي ٽڪرن يعني ”ٽوٽن“ کي Bats چئجي ٿو جھڙوڪ: اڌ، چوٿ وغيره . (ix) بويلڊ بئٽس (Bevelled Bats): مٿي ڄاڻايل King Closer استعمال ڪرڻ جي مقصد جي لحاظ کان سرن جي ٽوٽن کي Bevelled Bats ڪوٺيو ويندو آھي. (x) فالس ھيڊرس (False Headers): اوساريءَ جي ٻنڌ (Bond) جي ترتيب کي پوري ڪرڻ ۽ انھيءَ کي برقرار رکڻ واسطي استعمال ٿيندڙ سرن جي اڌڙن کي False Headers ڪوٺجي ٿو. (xi) ھرٽنگ (Hearting): ديوار جي سامھين ۽ پٺئين پاسي جي وچ واري حصي کي Hearting سڏجي ٿو. (xii) ٻانھيون (Jambs): ديوارن ۾ دروازن، درين ۽ روشندانن لڳائڻ واسطي ٺاھيل جارن (Openings) جي اڀن پاسن کي Jambs چئجي ٿو. (xiii) رويلس (Reveals): دروازن يا دري وغيره جي چؤڪاٺي يا فريم ۽ جاري جي وچ ۾ بچيل جڳھھ کي Reveal چئجي ٿو. (xiv) پٺ (Backing): ديوار جي لڪل ۽ نظر نھ ايندڙ پٺين سطح کي Back يا Backing ڪوٺجي ٿو. (xv) مھڙ (Facing): ديوار جي ٻاھرين ظاھر ۽ سامھون نظر ايندڙ سطح کي Facing سڏجي ٿو. ٢-(Brickwork Bonds): اوساريءَ جي ڪابھ ترتيب جنھن ۾ سرن کي مسالي رستي پاڻ ۾ اھڙيءَ ريت جڪڙيو وڃي جيئن ديوار جي ظاھر توڙي باطن وارن حصن ۾ لڳايل سرن جي ھڪ ٻئي مٿان بارن ۾ لڳاتار عمودي جوڙ نھ ھجن تھ انھيءَ کي ٻنڌ (Bond) يا ٻنڌڻ(Bonding) ڪوٺيو وڃي ٿو. عملي لحاظ کان ٻنڌن جي ترتيب جا اٽڪل اٺ قسم آھن. . جھڙوڪ: (i) اسٽريچر بانڊ Stretcher Bond (ii) ھيڊر بانڊ Header Bond (iii) انگلش بانڊ English Bond (iv) فليمش بانڊ Flemish Bond (v) رئڪنگ بانڊ Raking Bond (a) ڊاياگونل بانڊ Diagonal Bond (b) ھيرنگ بون بانڊ Herring-bone Bond (vi)گارڊن وال بانڊ Garden wall Bond (vii) ڊچ بانڊ Dutch Bond (viii) انگلش ڪراس بانڊ English Cross Bond مٿي ڄاڻايل ٻنڌن جي مختلف نمونن مان ڪن چند عام ۽ اھم قسم جي ترتيبن جو مختصر بيان ھيٺ پيش ڪجي ٿو. ١: (Stretcher Bond): ھن ترتيب ۾ اوساريءَ جا سڀيئي بار سلسليوار ۽ سرن جي ڊگھائيءَ جي رخ جي صورت م ۽ اھڙي نموني لڳايا ويندا آھن جيئن ھر بار جا عمودي جوڙ انھيءَ جي ھيٺئين ۽ مٿئين بار جي عمودي جوڙن سان نھ ملن، جيئن ۾ ڏيکاريل آھي. ھن قسم جي ترتيب پردي ديوارن (Partition walls) ۽ پورين ديوارين (Cavity walls) لاءِ موزون رھي ٿي. ٢: (Header Bond): ھن ترتيب ۾ ديوار جي ڊيگھھ جي رخ ۾ سڀيئي سرون (Headers) صورت ۾ لڳايون وينديون آھن. کوھن، گولائيءَ وارن مٿاڇرن (Curved Surface)، ڪانسن (Cornices) مورچن ۽ تمام ٿلھين ديوارن لاءِ ھيءَ ترتيب موزون رھي ٿي. ٣: English Bond)): ھن قسم جي ٻنڌ جي ترتيب ۾ ھڪ ٻئي (Alternate) جي حساب سان Stretchers ۽ Headers کي ھڪ ٻئي سان ۽ ھڪ ئي لائين يعني رخ ۾ اھڙي نموني لڳايو ويندو آھي جيئن ھر ٻيو ھيڊر، اسٽريچر جي وچ جي آڌار تي رھي، ھن قسم جي ترتيب ۾ ديوارن کي پاڻ ۾ گوني ڪنڊ تي جڪڙڻ واسطي استعمال ڪيو ويندو آھي. جنھن ۾ ديوارن جي ھڪ ٻئي وچان گذر (Intersection) واري ڪنڊ کان 41/2 انچ پري مکيھ ديوار جي ھر ٻئي ردي (Alternative Course) ۾ Closer داخل ڪرڻ سان ۽ 2 1²/4 اوچي ۽ ترڇي ديوار (Cross wall) جي ٿولھھجيئن ترشي ديوار مکيھ ديوار ۾ چڱيءَ طرح ڦٻي وڃي. ¾ سر استعمال ڪرڻ سان سرن جي ٽڪڻ جي محنت ۽ زيان جو بچاءُ ٿئي ٿو. انگلش بانڊ جي ترتيب سان ٺھندڙ مختلف ٿولھھ جي سرن جي ٿنڀن ٺاھڻ جو طريقو ٿيو وڃي. ٤: (Flemish Bonds): ھن قسم جي ٻنڌ ۾ ساڳئي ئي ھڪ بار (Course) ۾ ھڪ ڇڏي ٻئي جي حساب سان (Alternatively) سلسليوار پھرين Stretcher ۽ انھيءَ سان لڳ Header رکيا ويندا آھن. ھر ٻئي بار ۾، انگلش بانڊ ريت، انھيءَ جي ڇيڙي تي Queen Header لڳائڻ کان پھرين Queen Closer لڳايو ويندو آھي جيئن صحيح نموني جو چڙھاڪو (lap) ٺھي بيھي. ھن قسم جي ترتيب ۾ ھر ھيڊر جو وچ ھر ھيٺئين اسٽريچر جي وچ جي آڌار تي بيٺل رھندو آھي. ھن قسم جي ترتيب واري اوساريءَ سان انگلش بانڊ جي ڀيٽ ۾ ديوار جو ٻاھريون ڏيک وڌيڪ خوبصورت ٿيندو آھي ليڪن، گھٽ Header لڳائڻ ۽ ديوار جي اندرئين حصي (Hearting) ۾ لڳاتار اڀن جوڙن ھئڻ سبب انگلش بانڊ جي ڀيٽ ۾ انھيءَ جي ترڇي قوت (Transverse Strength) قدري گھٽ رھندي آھي. انھيءَ جو اندازو 13 ½ انچ ٿلھي ديوار جي حصي مان لڳائي سگھجي ٿو. ھن قسم جي ٻنڌ جا ٻھ نمونا ٿين ٿا ھڪ ”سنگل فليمش بانڊ“ ۽ ٻيو ”ڊبل فليمش بانڊ“ ھر ھڪ نموني جو مختصر تفصيل ھيٺ بيان ڪجي ٿو:- (الف) سنگل فليمش بانڊ (Single Flemish Bonds): ھيءَ فليمش بانڊ ۽ انگلش بانڊ جي ھڪ قسم جي گڏيل جوڙجڪ آھي جنھن ۾ بار جو صرف ٻاھريون پاسو فليمش بانڊ جي صورت ۾ ۽ ٻيو پٺيون ۽ اندريون حصو انگلش بانڊ جي صورت ۾ لڳايو ويندو آھي. ھن قسم جي جوڙجڪ جو مقصد سرن جي ديوار کي اصلي ٻنڌ جي صورت ۾ ٻاھران دلڪش رکڻ ھوندو آھي جڏھن تھ پلستر صرف پٺئين پاسي مٿان چاڙھيو ويندو آھي. جيتري ٿلھي جڳھھ ڇڏڻ گھرجي. ھن قسم جي ديوار گھٽ خرچ سان وڌيڪ خوبصورت ٺاھي ويندي آھي ڇاڪاڻ تھ ٻاھرين مھڙ کي ڇڏي ٻي سموري ديوار ۾ ڪجھھ سستيون سرون سولائيءَ سان استعمال ڪري سگھبيون آھن. (ب) ڊبل فليمش بانڊ (Double Flemish Bonds): ھن قسم جي ٻنڌ ۾ ديوار جي ٻنھي پاسي فليمش بانڊ ۾ اوساري ڪرڻي پوندي آھي ۽ ھيءُ نمونو اھڙين ديوارن لاءِ ڪارآمد رھندو آھي جن ۾ ديوار جي ٻنھي پاسن کي دلڪش بنائڻو ھوندو آھي ۽ انھن مٿان پلستر ڪرڻو نھ ھوندو آھي. انھيءَ کان علاوه، ھن ٻنڌ ۾ ڪافي انداز ۾ اڌ ۽ منيون سرون استعمال ڪرڻيون پونديون آھن جنھن سبب ٽائيم ضايع ٿيڻ سان گڏوگڏ اوساري ڪرڻ دوران ڪافي سرون بيڪار ٿي وينديون آھن، ڇاڪاڻ تھ گھربل سائيز ۾ ھر ھڪ سر کي ڀڃي پورا ٻھ حصا ڪرڻ ناممڪن آھي. مٿين ٻنھي فليمش بانڊن ۾ مختلف ٿولھھ وارين ديوارن جي اڀياس ڪرڻ سان ھيٺ ڄاڻايل نمايان نڪتا ذھن نشين ٿين ٿا:- (i) Header سان شروع ٿيندڙ بار ۾ پھرئين ھيڊر سان لڳ Queen Closer لڳائڻ جي ضرورت پوي ٿي. (ii) ديوارن جي ڪنڊن وٽ ھڪ مھڙ تي لڳايل Header، ڀر واري مھڙ تي Stretcher جي صورت ۾ ظاھر ٿئي ٿو. نتيجي ۾ انگلش بانڊ وانگر Closer جدا جدا نموني (chequerwise) جوڙي بيھاريا وڃن ٿا. (i) ڪن حالتن ۾ گھربل نظاري واسطي سرن جي اڌڙن (1/2 Bats) کي مصنوعي ھيڊرن (False Headers) طور استعمال ڪيو وڃي ٿو، . ٥:(Herring Bone Bonds): سرن جي فرشن جي نقشڪاريءَ واسطي ھن قسم جي ٻنڌ پسند ڪئي ويندي آھي. ھن ۾ ٻنھي طرفن کان ۽ وچ کان ٤٥٠ تي سرون لڳايون وينديون آھن

٦: (Garden Wall Bonds): ھن قسم جي ٻنڌ احاطن، اڱڻن ۽ باغن جي چؤڌاري لڳايل ديوارن، وچ منجھان پؤرين ديوارن (Cavity Walls) جي مھڙ ۽ ٻين اھڙن مقصد وارين ديوارن واسطي استعمال ڪئي ويندي آھي. ھن قسم جي ٻنڌ ۾ ٺاھيل ديوارن جو اڳ ۽ پٺ انگلش بانڊ يا فليمش بانڊ جي نمونن مان ڪنھن بھ ھڪ نموني ۾ ٺاھيو ويندو آھي. ٣-(CAVITY WALLS)؛- گرميءَ ۽ سرديءَ جي اثر ۽ برسات وغيرھ دوران پاڻيءَ جي سيڪ جي اثر جو مقابلو ڪرڻ واسطي ھن قسم جون پڪل سرن جون ديوارون نھايت ئي فائديمند رھن ٿيون. ھن قسم جي ديوارن ٺاھڻ واسطي اڪثر طور تي گھٽ ۾ گھٽ 41/2 انچ ٿلھين ٻن ديوارن جي وچ ۾ ٢ انچن کان 21/2 انچ تائين سنھون ۽ اڀو خال ڇڏيو ويندو آھي، جنھن سبب سر جي قدرتي انسوليشن (Insulation) ۽ اھڙن ٻن تھن جي وچ ۾ ھوا جي خال ڇڏڻ سان ديوارن جي انسوليشن (Insulation) ۾ وڌيڪ ۽ خاصو اضافو ٿيندو آھي. اھو خال ڪنھن بھ صورت ۾ ٢٢ انچن کان گھٽ نھ ھئڻ گھرجي. تجربن رستي اھو بھ معلوم ٿئي ٿو تھ ١١ انچن جي ٿلھي ۽ ٺوس ديوار جي ڀت ۾ ٻن 41/2 انچن وارين ديوارن وچ ۾ ٢-١ انچ ھوا جي خال واري ديوار جي انسوليشن (Insulation) ۽ مينھن وغيرھ جي پاڻي جلدي سڪي وڃڻ ۾ ڪافي سڌارو ۽ واڌارو اچي ٿو. ٻنڌ پٽين (Ties) جي استعمال ڪرڻ ۽ پختي نگرانيءَ ھيٺ صحيح طرح جوڙ ٺاھڻ سان ھن قسم جون ديوارون وڌ ۾ وڌ اٽڪل ٢٥ فوٽن جي اوچائيءَ تائين ٺاھي سگھجن ٿيون ۽ انھن جي ڊيگھھ٣٠ فوٽن کان وڌيڪ ھرگز نھ رکڻ گھرجي. وڌيڪ ڊيگھھ واسطي انھن کي مختلف حصن ۾ ورھائڻ گھرجي. سرن جي ٻن عليحده اڀين ڀتين (Skins) کي مضبوط ۽ قائم رکڻ واسطي خاص قسم جي لوھھ جون ٻنڌ پٽيون استعمال ڪيون وينديون آھن، جن کي Cavity Wall Ties سڏيو ويندو آھي. ھيءُ پٽيون ٻنھي اڀين ڀتين مٿان مسالي جو تھھ چاڙھي ۽ انھن مٿان آر پار رکي لڳايون وينديون آھن. ٤-(CAVITY WALL TIES)؛- اھي ٻن قسمن جون ٿينديون آھن: ھڪ وڪڙ واريون جن کي “Twist Type” چئبو آھي ۽ ٻيون پوپٽ جي شڪل واريون جن کي “Butterfly Type” سڏيو ويندو آھي. ٻنھي نمونن جي ٻنڌ پٽين ٺاھڻ ۾ جست جو ملمعو چڙھيل لوھھ (Galvanised Iron) استعمال ڪيو ويندو آھي ۽ اھي 3"/8 x 3"/16 سائيز جون ٿينديون آھن جيڪي افقي لحاظ کان وڌ ۾ وڌ ٽن ٽن فوٽن جي مفاصلي تي ۽ عمودي لحاظ کان وڌ ۾ وڌ ١٨ انچن جي مفاصلي تائين لڳايون وينديون آھن. Twist Type پٽين جا ڇيڙا مڇيءَ جي پڇن (Fish Tailed) وانگر ٺاھيا ويندا آھن جيئن اھي مسالي (Mortar) سان ٻڌجي چڱيءَ طرح قابو ٿي بيھن ۽ انھن ٻنھي پڇن جي وچ ۾ وڪڙ ڏنو ويندو آھي جيئن پاڻي ھڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيري تائين نھ پھچي سگھي. “Butterfly Type” ٻنڌ پٽيون جست جي ملمعي چڙھيل (Galvanised) لوھھ جي تار مان ٺاھيون وينديون آھن ۽ انھن کي ٻن اڀن تھن جي مٿين سڌن بارن مٿان مسالي سان ائين قابو ڪيو ويندو آھي جيئن انھن جو ھڪ پر ھڪ ڀت جي بار مٿان، ٻيو پر ٻيءَ ڀت جي بار مٿان بيھي ۽ انھن جي گجِي خال جي وچ ۾ ائين رھي جيئن پوپٽ ٻنھي تھن مٿان ٽنگيل نظر اچي. ائين ڪرڻ سان پاڻي انھن منجھان ڦڙو ڦڙو ٿي ڳڙي ويندو ۽ ھڪ ڀت مان ٻيءَ ڀت تائين نھ پھچي سگھندو. ڪن ماھرن جي خيال موجب پوپٽ نما ٻنڌ پٽيون ڪوشش ڪري ھرو ڀرو استعمال نھ ڪرڻ گھرجن، ڇاڪاڻ تھ اوساريءَ جي ڪم ھلڻ دوران وٿيءَ (Cavity) ۾ مسالي ڪرڻ جو ڪافي امڪان رھي ٿو ٽائيز جي ٽڪنڊن اندر مسالي رھجي ۽ ڄمي وڃڻ جا ڪافي اتفاق رھن ٿا. ٻنڌ پٽيون سڌيءَ حالت ۾ ھر ٣ فوٽن تي ۽ عمودي حالت ۾ 11/2 فوٽ جي ھتي صفحو نمبر ٣٩ تي موجود تصوير لڳندي شڪل نمبر ١٠ پوريون ديوارون ۽ ٻنڌ پٽيون مفاصلي تي لڳائڻ گھرجن جيئن ۾ پؤرين ديوارن جي ھڪ حصي ۽ بنياد ۾ ڏيکاريل آھي. ٻنھي ديوارن جي وچ واري اڀي خال ۾ ٻنڌ پٽين کان سواءِ ٻئي ڪنھن بھ قسم جي رنڊڪ نھ ھئڻ گھرجي. ڪم ھلڻ دوران خال ۾ مسالي ۽ سرن جي ٽڪرن جي ڪرڻ جي بچاءُ واسطي سڻيءَ جي ڳوڻ ويڙھيل ڪاٺ جون تختيون استعمال ڪرڻ گھرجن ۽ اوساريءَ جي رفتار جي مٿي چڙھڻ جي رفتار سان گڏ انھن پٽين کي پڻ ڇنڊي صاف ڪري مٿي ھلائبو رھجي. وڌيڪ بھتر انسوليشن (Insulation) واسطي ٻاھرين ديوار 41/2 انچ ٿلھي پڪين سرن جي، اندرين ديوار ٤ انچ ٿلھي ھلڪن ڪانڪريٽ بلاڪن (Light Weight Concrete Blocks) جي ۽ ٻنھي ديوارن جي وچ ۾ ٢ انچ خال ڇڏڻ سان ٺاھي سگھجي ٿي . ھن قسم جي ڀتين ۾ مٿئين منزل جي بار کڻڻ جي قوت پڻ رھي ٿي. ھن قسم جي بلاڪن ۾ سنھن خالن (Porous) ھئڻ سبب کين زمين جي سطح کان ھيٺ استعمال نٿو ڪري سگھجي.[1]

پٿرن جي اوساري:

پٿر جي اوساري (Stone Masonary) ١-٤ اوساريءَ جا قسم (Type of Masonary) ھن قسم جي اوساريءَ جا ٽي نمونا يا طريقا آھن؛ ھڪ ڇيڻيءَ سان گھڙيل پٿر جي اوساري (Ashlar Masonary)، ٻي ھٿوڙن سان گھڙيل پٿرن جي اوساري (Coursed Rubble Masonary) ۽ ٽين اڻ گھڙيل پٿرن جي اوساري (Random Rubble Masonary). ھنن ٽنھي قسمن جي اوساريءَ جو تفصيلوار بيان ھيٺ ڏجي ٿو. 4-1 :1 ڇيڻيءَ سان گھڙيل پٿرن جي اوساري (Ashlar Masonary) ؛- ھن قسم جي پٿر جي اوساريءَ واسطي حڪومت جي منظور ڪيل پٿرن جي کاڻ (Quarry) جا پٿر استعمال ڪرڻ گھرجن. استعمال ٿيندڙ پٿر نھايت ئي چيڙھالو، سخت، جٽادار، ھڪ ئي رنگ جو، ھر ڪنھن خاميءَ ۽ ڦوٽ کان پاڪ ۽ اڳ ۾ ئي ساڳئي نموني جي ڪم تي آزمايل ھئڻ گھرجي. پٿر بالڪل صحيح شڪل ۽ ماپ ۾ گھڙيل ھئڻ گھرجي ۽ ڇيڻيءَ سان گھڙيل پاسن کي ٻاھر طرف رکڻ گھرجي، جيئن عمارت جو ڏيک پرڪشش ۽ وڻندڙ رھي. پٿر گھٽ ۾ گھٽ ٨ انچ ٿلھو، ١٢ انچ ويڪرو ۽ ١٨ انچ ڊگھو ھئڻ گھرجي. سموري پٿر جي مقدار جو ٥٠ سيڪڙو اھڙي پٿر جو ھئڻ گھرجي جو ھر پٿر جو مقدار ھڪ ڪعب فوٽ کان گھٽ نھ ھجي سڪل پٿر کي جيڪڏھن ٢٤ ڪلاڪن تائين پاڻيءَ ۾ ٻوڙيو وڃي تھ انھيءَ کي پنھنجي تور جي ٥ سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي نھ ڇھڻ گھرجي. اوساري ڪرڻ کان اڳ ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٻن ڪلاڪن تائين پٿرن کي چڱيءَ طرح سان پاڻيءَ ۾ ٻوڙڻ گھرجي. ھر ھڪ پٿر جي ھيٺان ۽ عمودي جوڙن (Vertical Joints) ۾ ڄاڻايل انداز مطابق سيمينٽ ۽ ريتيءَ جو مسالو (Mortar) يعني گچ ڏيئي سموري اوساريءَ کي چڱيءَ طرح سان جوڙيو وڃي. ڪوشش ڪري سموري اوساري ھڪ ڪري ليول تائين کنئي وڃي ۽ جنھن ھنڌ ائين ڪرڻ مشڪل ھجي تھ درجي بدرجي ڏاڪڻ وانگر جوڙ ڇڏڻ گھرجن. عام طور اوساريءَ کي جوڙڻ لاءِ 1:4 جي مناسبت (يعني ھڪ حصو سيمينٽ ۽ چار حصا ريتي) سان مسالو استعمال ڪيو ويندو آھي مخالف ديوارن (Cross Walls) کي مکيھ ديوارن (Main Walls) سان پوريءَطرح جوڙيو وڃي. درزن کي ½ انچ گھرو رکڻ گھرجي. پٿرن کي بالترتيب، يعني ھڪ ڇڏي ٻيو جي ترتيب سان ڊيگھھ ۽ ويڪر جي حساب سان لڳايو وڃي ۽ جڳائتو سٻنڌ (Proper Bond) قائم رکيو وڃي. انھيءَ ڳالھھ جو خاص ڌيان رکڻ گھرجي تھ بارن (Courses) يا ردن ۾ لڳاتار عمودي جوڙ (Vertical Joints) نھ ھئڻ گھرجن پر ھڪ بار ڇڏي ٻئي بار جي حساب سان ٺھندڙ ٽٽل جوڙ ھڪ ئي لائين ۾ ھئڻ گھرجن. ديوار صحيح طرح شاھل (Plumb) ۾ ھئڻ گھرجي ۽ ڪا بھ درز 1/8 انچ کان ٿلھي ھئڻ نھ گھرجي جيڪڏھن عليحدھ طرح سان اوساريءَ جي ٻاھران ٽيپ ڪرڻي نھ ھجي تھ اوساريءَ دوران درزن کي چڱيءَ طرح سان ماريو وڃي. ڪوشش ڪري ھڪ ئي دفعي سان ٻن فوٽن کان وڌيڪ اوچي اوساري نھ کنئي وڃي. ھن قسم جي اوساريءَ جي ترائي ١٠ ڏينھن تائين ڪرڻ موزون آھي ۽ سرديءَ جي موسم ۾ ترائيءَ جو مدو وڌائڻ بھتر آھ 2 ھٿوڙن سان گھڙيل پٿرن جي اوساري

(Coursed Rubble Masonary)

ھن قسم جي اوساريءَ ۾ ھٿوڙن ذريعي گھڙيل پٿر استعمال ڪيا ويندا آھن. ھر ڪنھن بار يا ردي ۾ گھٽ ۾ گھٽ ٦ انچ ٿلھو پٿر استعمال ڪرڻ گھرجي. پٿر جو ڪشادو پاسو ھيٺ ھئڻ گھرجي ۽ عمودي جوڙ ڪنھن بھ صورت ۾ لڳاتار نھ ھئڻ گھرجي پر ھڪ بار ڇڏي ٻئي بار جي حساب سان ھڪ ئي لائين ۾ ھئڻ گھرجي. ھر ھڪ بار پوريءَ طرح سڌو ۽ ھر ھڪ جوڙ يا درز مسالي سان ڀريل ھئڻ گھرجي. ٻاھرئين پاسي طرف چونڊيل، لسا ۽ ھڪ ڪرا پٿر استعمال ڪرڻ گھرجن. گول پٿر ڪنھن بھ صورت ۾ استعمال نھ ڪيا وڃن. سامھان جوڙ يا درزون ٩٠ درجن جي گونيءَ ڪنڊ (Right Angle) تي ۽ گھٽ ۾ گھٽ ٻن انچن جي اوچائيءَ تائين ھئڻ گھرجن تھ جيئن اھي پاڻ ۾ صحيح نموني ۾ جڪڙجي وڃن. ڪنڊن تي چونڊي سٺا ۽ گھڙيل پٿر استعمال ڪرڻ گھرجن تھ جيئن صحيح طريقي جي گونيا تي ڀت جون ڪنڊون بيھاري سگھجن. مسالو 1:3 (Mortar) جي تناسب کان 1:6 جي تناسب تائين استعمال ڪرڻ گھرجي. اوساريءَ جي ھر بار يا ردي (Course) جي ٥ فوٽن جي مفاصلي تي ويڪر جي حساب سان آرپار ھڪ ڪرو پٿر استعمال ڪرڻ گھرجي. اڍائي فوٽن کان وڌيڪ ٿلھين ڀتين لاءِ ٽڪرن ۾ ٦ انچن جو چڙھاڪو (Overlap) ڏيئي پٿر استعمال ڪري سگھجن ٿا. روزانو يعني ھر ڏھاڙي ڪم ختم ڪرڻ وقت پٿر جي اوساريءَ جي مٿئين حصي جي مٿان ھڪ انچ پاڻي بيھاري ڇڏجي. ھن قسم جي ڪم جي ترائي (Curing) عام پورٽلئنڊ سيمينٽ جي استعمال جي صورت ۾ ١٠ ڏينھن تائين ڪرڻ موزون آھي. ٿڌ جي صورت ۾ ترائيءَ جو مدو وڌائجي تھ بھتر آھي. 3 اڻ گھڙيل پٿرن جي اوساري (Random Rubble Masonary) ؛- ھن قسم جي اوساريءَ ۾ پڻ مضبوط، سخت ۽ سالم پٿر استعمال ڪيا ويندا آھن پر ھموار بارن (Courses) جو ٺاھڻ ضروري نھ آھي. پٿر اڻ تراشيل ۽ ھٿوڙن ذريعي ٽٽل استعمال ڪيا ويندا آھن پڇر گول استعمال نھ ڪيا ويندا آھن ھن قسم جي اوساريءَ ۾ ڪو بھ پٿر ٦ انچن جي سائيز کان گھٽ نھ ھئڻ گھرجي. سامھان پٿر ڪوشش ڪري چونڊي، وڏي ۾ وڏا، ھڪ ڪرا ۽ ھڪ ئي رنگ جا استعمال ڪجن. سامھين پٿر جي ويڪر انھيءَ جي اوچائيءَ کان وڌيڪ ھئڻ گھرجي. پٿر جو ويڪرو پاسو ھيٺ ھئڻ گھرجي. سامھان جوڙ ٽوڙڻ گھرجن، يعني تھ عمودي جوڙ (Vertical Joints) لڳاتار نھ ھئڻ گھرجن ۽ ٻاھريان پاسا شاھل ۾ ھئڻ گھرجن. ڪنڊن ۽ ٻانھين (Jambs) تي وڏا پٿر استعمال ڪيا وڃن تھ جيئن ڪنڊون ۽ ٻانھيون مضبوط رھن.انچن جي سائيز کان گھٽ نھ ھئڻ گھرجي. سامھان پٿر ڪوشش ڪري چونڊي، وڏي ۾ وڏا، ھڪ ڪرا ۽ ھڪ ئي رنگ جا استعمال ڪجن. سامھين پٿر جي ويڪر انھيءَ جي اوچائيءَ کان وڌيڪ ھئڻ گھرجي. پٿر جو ويڪرو پاسو ھيٺ ھئڻ گھرجي. سامھان جوڙ ٽوڙڻ گھرجن، يعني تھ عمودي جوڙ (Vertical Joints) لڳاتار نھ ھئڻ گھرجن ۽ ٻاھريان پاسا شاھل ۾ ھئڻ گھرجن. ڪنڊن ۽ ٻانھين (Jambs) تي وڏا پٿر استعمال ڪيا وڃن تھ جيئن ڪنڊون ۽ ٻانھيون مضبوط رھن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب: عمارت سازي ؛ ليکڪ: ضياءين انصاري؛ ايڊيشن:1990؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو