اورڪزئي ضلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اورڪزئي ضلعو
اورکزي
District
Orakzai.jpg
فاٽا جو ضلعي نقشو نارنگي رنگ سان ڏيکاريل جنھن جي وچ ۾ اورڪزئي ايجنسي ڏيکاريل آھي جيڪا اورڪزئي ضلعو پڻ سڏبي آھي.
فاٽا جو ضلعي نقشو نارنگي رنگ سان ڏيکاريل جنھن جي وچ ۾ اورڪزئي ايجنسي ڏيکاريل آھي جيڪا اورڪزئي ضلعو پڻ سڏبي آھي.
ملڪ پاڪستان
صوبو خيبرپختونخواهه
Established ايجنسيء جو قيام 30 نومبر 1973 ۾ بطور فاٽا جي ضلعي جي حيثيت ۾ ٿيو.
صدرمقام گھلجو بازار (اپر اورڪزئي)
ڪلايا (لوئر اورڪزئي)
تحصيلن جو تعداد
پکيڙ[1]:1
 • ڪل ١٬٥٣٨ ڪ.م٢ (٥٩٤ ميل٢)
آبادي (2017)[2]
 • ڪل ٢٥٤,٣٥٦

اورڪزئي ايجنسي پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ ھڪ ايجنسي آھي۔

ھتان جو ھاڻوڪو پوليٽيڪل ايجنٽ مسٽر زبير خان آھي. اپر اورڪزئي جو اَي پي اَي مسٽر اقبال وزير ۽ اسماعيل زئي تعلقي جو پوليٽيڪل نائب تعلقيدار جناب خائستہ اڪبر  ( جون 2016 ).

اورڪزئي ايجنسي ۾ اورڪزئیي قبيلن جون وڏيون وڏيون قومون علي خيل، ماموزئي، ربيعہ خيل، آخيل، مشتي، شيخان، مامازئي، فيروز خيل، اتمان خيل، ستوري خيل ۽ سپائي وغيره آباد آھ۔

اورڪزئي ايجنسي ۾ ٻه سب ڊويزنون آھن اپر اورڪزئي ايجنسي ۽ لوئر اورڪزئي ايجنسي۔ اپر اورڪزئي ۾ اپر تعلقو ۽ اسماعيل زئي تعلقو جڏھن ته لوئر اورڪزئي ۾ لوئر ۽ سينٽرل تعلقا شامل ۔

اورڪزئي قبيلا ڪل ملائي ڪري ارڙھن قومن تي مشتمل آھي. مٿي ذڪر ڪيل قومن کان علاوه ھن قبيلي ۾ ، انڊ خيل ۽ علي شير زئي وغيره شامل آ۔

اورڪزئي ايجنسي جي اوڀر ۾ ضلعو ڪوھاٽ ۽ دره آدم خيل ، ڏکڻ ۾ ضلعو ڪوھاٽ ۽ ضلعو ھنگو، اولھ ۾ ڪرم ايجنسي ۽ اتر ۾ خيبر ايجنسي واقع آھن۔

ماڻھن جي مادري ٻولي سو سيڪڙو پشتو آھي۔ يعني تمام رھاڪو پشتو ٻولي ڳالھائيندا آھن. نوجوان نسل تعليم جي طرف وڌي رھيو آھي، ان ڪري ملڪ جي مختلف حصن  تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مصروف آھي۔

اورڪزئي ايجنسي جو گھڻو علائقو پھاڙي آھي، جتي گھاٽا جھنگ آھن، جبلن ۾ اڪثر جڳھن تي ڪوئلي جا ذخيرا ملن ٿا۔ ان کان علاوه ٻيون معدني شيون به موجود ۔

اورڪزئي ايجنسي ۾ ميداني علائقا به آھن جتي ماڻھو ٻني ٻارو ڪن ٿا ۽ ھي پيشو ماڻھن جي ڪمائي جو ھڪ اھم ذريعو آھي۔ ان کان علاوه ماڻھن جي ھڪ وڏي تعداد ٻاھرين ملڪن ۾ ملک آھي، ڇو ته ھتي روزگار جا موقعا تمام گھٽ آھن ان ڪري ھي ماڻھو ٻاھرين ملڪن کان پيسا موڪليندا آھن ۽ پنھنجو گذارن ٿا۔

اھم جڳھن ۽ بازارن ۾ غلجو بازار جيڪا اپر سب ڊويزن جو صدر مقام آھي ۽ اپر اورڪزئي جا تمام ھيڊڪوارٽر ، نادرا آفس ۽ اسپتال وغيره ھن ۾ ئي واقع آھن.، سمانہ جيڪو ھڪ تفريحي ماڳ آھي ۽ انگريزن جي دور جو قلعو به  ھتي آھي ۽ ماڻھو سير ۽ تفريح جي لاءِ ٻين ضلعن کان ھيڏانھن جو رخ ڪندا آھن۔ ڊبوري ، جبلن جي وچ ۾ ھڪ حسين ۽ دلفريب مقام ۽ بازار، مشتي ميلو، جنت نظير مقام ۽ جبلن جي وچ ۾ ھڪ پرڪشش بازار، ڪلايہ ۽ جلڪہ ميلو جاڙيون بازاريون جن جي وچ ۾ ھڪ توئي وھندي علائقي جو حسن وڌائي ٿي لوئر سب ڊویزن جو ھيڊ ڪوارٽر ۽ نادرا آفس وغيره ھتي واقع آھن' . ان کان علاوه خاديزئي ، سانگهڙا ۽ انجاني قابل ذڪر آھن. تمام تر علائقن جي موسم ٿڌي رھندي آھي ۽ جنوري ۽ فيبروري جي مھينن ۾ برفباري ٿيندي آھي جڏھن ته گرمي جي موسم خوشگوار رھندي آھي۔ ( مير اصغر اصغر اورڪزئي)

اورڪزئي ايجنسي جو ھڪ سيڪشن بلند خيل ايجنسي کان ڪيترائي ڪلوميٽر پري ضلعي ھنگو جي ھن پار ٽل شھر جي ڏکڻ ۾ واقع آھي۔ ان جي ات ۽ اوڀر ۾ ضلعو ھنگو، اولھ ۾ ڪرم ايجنسي ۽ ڏکڻ ۾ اتر وزيرستان ايجنسي واقع آھن۔ ھن سيڪشن ۾ آباد بلند خيل ھڪ بنگش قبيلو آھي۔

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1998 Census report of Orakzai Agency. Census publication. 143. Islamabad: Population Census Organization, Statistics Division, Government of Pakistan. 2000. 
  2. "DISTRICT AND TEHSIL LEVEL POPULATION SUMMARY WITH REGION BREAKUP [PDF]" (PDF). www.pbscensus.gov.pk. حاصل ڪيل 2018-03-25.