اورنگزيب مسجد، روهڙي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اورنگزيب مسجد، جنهن کي مقامي طور مير يعقوب واري مسجد به چيو وڃي ٿو، روهڙي شهر جي ڏکڻ ۾ هڪ ٽڪريءَ تي واقع آهي. انهيءَ ٻٽي نالي جو سبب هي آهي ته هيءَ مسجد اورنگزيب عالمگير جي حڪم تي سندس نواب مير يعقوب علي شاهه تعمير ڪرايو هو. بکر جي قلعي جي فتح جي ياد ۾ اورنگزيب عالمگير هڪ وڏي مسجد ٺاهڻ جو حڪم ڏنو، جنهن تي بکر جي نواب مير يعقوب علي شاهه رضوي فوري طور تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو. مسجد جي تعمير سال 677 هجري ۾ مڪمل ٿي. يعني ٺٽي ۾ شاهجهاني مسجد جي تعمير کان چوويهه سال پوءِ. ايتري عرصي کان پوءِ به اڄ به مسجد جا آثار پنهنجي قد، ایراضی ۽ کوٽائي جهڙين ديوارن سبب ڌيان جو مرڪز بڻيل آهن.[1]

  1. "’’مسجدِ اورنگزیب‘‘ اسےمغل بادشاہ اورنگزیب عالمگیر نے تعمیر کرایا". Daily Jang. حاصل ڪيل 2024-03-09.