اوئِِين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اوئِين ھي ٻوٽو پاڻمرادو ڦٽي ٿو. ھي اڪثر ڪلراٺين زمينن ۾ ڦٽي ٿو. ھي ڪو خاص وڏو نہ ٿيندو آھي تمام ننڍو ٿئي ٿو. ھن کي ٻاڪرو ۽ ريڍو مال شوق سان کائي ٿو. ٻھراڙين جا ماڻھو ڪنھن ڌڪ لڳڻ سبب سور ٿيڻ واري جاءِ تي گرم ڪري ٻڌندا آھن ۽ ھن جي ٽاڪور ۽ گرمائش پڻ ڪندا آھن، جنھن سان سور ختم ٿيو وڃي ۽ ڌڪ واري سوڄيءَ ۾ بہ گھڻو فائدو ڏي ٿي.