انگي حساب (ڪرمچند ليلارام ھڱوراڻي)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيءُ ڪتاب ڪرمچند ليلارام هڱوراڻيءَ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 377 صفحا آهن ۽ قيمت سوا رپيو ڄاڻايل آهي. پهريون ڇاپو، ميشرس پوڪرداس، ڪارونس پرنٽنگ پريس، ڪراچيءَ مان سال 1929ع ۾ ڇپايو.[1]

ٻيو ڪتاب:هيءُ ڪتاب ڪرمچند ليلارام هڱوراڻيءَ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 104 صفحا آهن ۽ قيمت 6 -آنا- ڄاڻايل آهي. پهريون ڇاپو، ڪارونس پرنٽنگ پريس، ڪراچيءَ مان سال 1930ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، پوڪرداس ائنڊ سنز، سنڌ پرنٽنگ پريس، شڪارپور مان سال 1935ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو، ٽيڪچند ليکراج هوتاڻيءَ، 1936ع ۾ سنڌ پرنٽنگ پريس، ڪراچيءَ مان ڇپايو. هن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو، پوڪرداس ائنڊ سنز، 1937ع ۾ سنڌ پرنٽنگ پريس، شڪارپور مان ڇپايو. هن ڪتاب جو جدا ڇاپو لڪشمي پرنٽنگ ورڪس، حيدرآباد مان 1937ع ۾ ڇپيو، جنهن جي قيمت 5 -آنا- آهي. هن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو، ڀوڄراج پوڪرداس سال 1938ع ۾ سنڌ پرنٽنگ پريس، شڪارپور مان ڇپايو. هيءُ ڪتاب پوڪرداس ائنڊ سنز، سنڌ پرنٽنگ پريس، شڪارپور مان سال 1940ع ۾ شايع ڪيو.[2] زمرو:علم رياضي زمرو:درسي ڪتاب

حوالا[سنواريو]