انگلينڊ جا اڍائي سال

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيءُ ڪتاب لعل محمد جوڻيجي جي ڊائريءَ، تاثرن ۽ خطن تي مشتمل آهي، جيڪي هن انگلينڊ ۾ رهائش دوران لکيا. هو -برطانيا- ۾ اڪائونٽس جي ڊگري حاصل ڪرڻ ويو هو، پر اتي حالتون هن لاءِ ناسازگار رهيون ۽ بنا ڊگري وٺڻ جي سنڌ موٽي آيو. -برطانيا- ۾ سمورو وقت افراتفريءَ ۾ گذاريائين. هن -برطانيا- ۾ سنڌ سان محبت جو ناتو قائم رکيو. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ، لعل جوڻيجي جي تعارف دوران هن ڪتاب بابت لکيو آهي ته هي خط ۽ ڊائري بنا ڪنهن تصنع جي لکيل آهن، ڇوته هي شايع ٿيڻ لاءِ لکيل نه آهي، -ان- ڪري هنن ۾ جيڪو ڪجهه به لعل لکيو آهي، اهو سندس اندر جو اڌمو آهي. اهو اڌمو جيڪو ڪنهن به ٺاهه ٺوهه يا مصلحت آميزيءَ کان پاڪ آهي. هن -برطانيا- جي زندگيءَ جو سچو پچو عڪس چٽيو آهي ۽ منافقي نه ڪئي آهي. هيءُ ڪتاب اروڙ -اشاعت- گهر، سکر پاران 1986ع ۾، رشيد ڀٽيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن 346 صفحن جي ڪرائون سائيز ڪتاب جي قيمت 30 رپيا آهي.[1]

حوالا[سنواريو]