انگلو سيڪسن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اينگلو سيڪسنس انگريزي:  Anglo-saxons جرمن قبيلا ھئا، جيڪي اتر يورپ مان لڏپلاڻ ڪري پنجين ۽ ڇھين صدي عيسوي داري انگلنڊ ۾ اچي آباد ٿيا.

اينگلو سيڪسنس جي تارخ[سنواريو]

سن 410 (بي . سي) داري رومن (Romans) انگلستان کي ڇڏي روانا ٿيا ، تڏھن انگلينڊ تي ڪنھن جي به حڪمراني نه ھئي . پر انھيءَ وقت انگلستان ۾ ننڊيون ننڊيون بادشاھيون ھيون ، جيڪي اينگلو سيڪسنس (Anglo-saxons) جي حڪمراني هيٺ ھلندڙ ھيون . اينگلو سيڪسنس پنجين صدي (5th Century) ۾ آباد ٿيا . اينگلو سيڪسنس جا ٻه مشھور بادشاھ الفريڊ دي گريٽ ۽ ڪينٽ دي گريٽ ھئا . ايگبيرٽ (Egbert) پھريون اينگلو سيڪسنس بادشاھ ھو ، جنھن 802ع داري انگلستان تي حڪمراني ڪئي ، جڏھن ته ھارولڊ (Harold) آخرين اينگلو سيڪسنس بادشاھ ھو ، جنھن کي نورمنس (Normans) 1066ع ۾ شڪست ڏني . اينگلو سيڪسنس تقريبن 300 سالن تائين انگلستان تي حڪمراني ڪئي .