انگريز دانشورن جو حلقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

علم بين الاقوامي لاڳاپن سان لاڳاپيل انگريز دانشورن جو حلقو يا انگلش اسڪول آف آءِ. آر (English School of I. R)، بين الاقوامي لاڳاپن جي حوالي سان نوان تصور ڏيندڙ، هي دانشور حلقو ”لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ۽ پوليٽيڪل سائنس“ واري اداري سان لاڳاپو رکي ٿو. هن حلقي بابت مشهور مبصر روائيَ ايِ جونس (Roy.E.Jones) سڀ کان اڳ پنهنجي مضمون ‘Review of International Studies’ ۾ ذڪر ڪيو. هن حلقي ۾ سي. اي. ڊبليو . ميننگ ۽ مارٽن وائيٽ کي پايو وجهندڙ سمجهيو وڃي ٿو، ’پر هيڊلي بُل‘، ’ايف ايس نارٿيج‘، ’مائيڪل ڊونيلان‘، ’ايلن جيمس‘، ’آر-جي ونسينٽ‘ ۽ ’جيمس مَيل‘ به هن لڏي ۾ شامل آهن. هيءُ حلقو دُنيا ڏانهن تڪميل پسنديءَ وارو (Holistic) رويو رکڻ ڪري ”بين الاقوامي سماج وارو نظريو“ رکندڙ لڏي طور مشهور آهي. هن نظريي مطابق ڪنهن به رياست جي تصور کي لاڳو قانونن، ريتن رسمن، قدرن ۽ ادارن کان پرڀرو ڪري نٿو سمجهي سگهجي. ان حوالي سان بين الاقوامي لاڳاپن جي مضمون کي سماجي جوڙجڪ کي سمجهڻ ۽ ان لاءِ مرتب ڪيل اصول جوڙيندڙ علم چئي سگهجي ٿو، جيڪو عدم مرڪزيت جي نُڪتي تحت موجود رياستي نظام ۾ نظم ضبط ۽ آزاديءَ جي ِِِِضمانت ڏئي ٿو. هيءُ حلقو ”آمريڪن اسڪول آف سائنٽفڪ پاليٽڪس“ جي اُبتڙ نظريئي ۾ يقين رکي ٿو. لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس سان لاڳاپيل آسٽريليائي، ڏکڻ آفريقي، اسڪاٽش ۽ ويلش مُفڪر هن لڏي جو حصو آهن. [1]


حوالا[سنواريو]