انگريزي سنڌي ڊڪشنري (پرمانند ميوارام)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيءَ ڊڪشنري پرمانند ميوارام جي ترتيب ڏنل آهي. هيءَ ڊڪشنري، پهريون ڀيرو 1933ع ۾ ڇپي ۽ ٻيو ۽ ٽيون دفعو ”نئين انگريزي- سنڌي ڊڪشنريءَ“ جي نالي سان 1976ع ۽ 1980ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان شايع ٿي. هيءَ ڊڪشنري ساهتيه اڪيڊمي نئين دهليءَ طرفان پڻ ڇاپي وئي آهي. هن ڊڪشنريءَ مان شاگرد، -استاد- ۽ ليکڪ اڃا تائين چڱيءَ طرح سان مستفيد ٿي رهيا آهن ۽ هيءَ سنڌي ادب ۾ خاص جاءِ والاريندڙ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]