انڌي جي موري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تعلقي حيدرآباد ۾، حيدرآباد شهر کان هالا ڏانهن ويندڙ روڊ تي، چئن ميلن جي پنڌ تي، ڳوٺ ڪرڙ سولنگيءَ کي سامهون، واٽرڪورس جي هڪ موريءَ تي هڪ ماڳ آهي، جتي 1948ع ۾ هڪڙو انڌو فقير لانڍي ٺاهي، پاڻيءَ جي مَٽِي ڀريو ويٺو هوندو هو. پوءِ اتي هڪڙي هوٽلڙي به ٺهي، جنهن تي آس پاس جا ماڻهو اچي ويهندا هئا، ۽ ڪچهري لڳي پئي هوندي هئي. انڌو فقير ته گذاري ويو، پر هن موريءَ تي ”انڌي جي موري“ نالو پئجي ويو.[1]

حوالا[سنواريو]