مواد ڏانھن هلو

انڊين سول سروس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Sir Henry Edward Stokes
Sir Gabriel Stokes
سر ھينري ايڊورڊ اسٽوڪس ۽ سر گئبريل اسٽوڪس انڊين سول سروس جي ورديءَ ۾

انڊين سول سروس:جنھن جو سرڪاري نالو امپيريل سول سروسھيو:مختصر صورت ۾ ان کي آء. سي. ايس.:ICS:چئبو ھو. ھندوستان ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي حڪومت ۽ پوء برٽش انڊيا حڪومت ۾ آفيسرن جي ڀرتي ڪرڻ لاء ھڪ سڀ کان وڏو ادارو ھيو جيڪو 1858 ۾ برٽش پارليامينٽ جي پاس ٿيل قانون گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1858 تحت قائم ڪيو ويو ۽ 1947 ۾ پاڪستان ۽ ھندستان جي قيام وقت ختم ٿي ويو.برطانيہ ننڍي کنڊ تي ھن اداري جي آفيسرن ذريعي اٽڪل ٽيھ ڪروڙ ماڻھن تي حڪمراني ڪئي[1] [2][3] ھن اداري جو سربراھ برٽش حڪومت جو انڊہا لاءِ رياست جو سيڪريٽري ھوندو ھو جيڪو برٽش ڪابينه جو پڻ ميمبر ھيو. ھن اداري جي چونڊيل لاڳيتو پھرين ھڪ ھزار آفيسرن جو تعلق يونائيٽيڊ ڪنگڊم سان ھيو. آھي برطانوي شھري ھيا ء اتان جي تعليمي ادارن مان پڙھيل ھئا.1905 ۾ پنج سيڪڙو بينگال کي نمائندگي ملي. 1947 ۾ ھن اداري جي چونڊيل آفيسرن ۾ 322 ھندستاني ۽ 688 انگريز شامل ھئا [4] 1930 تائين ھندوستان جي ماڻهن جو تعداد تمام گھٽ ھيو ۽ سو بہ اھي ننڍن عھدن تي فائز ھيا.[5][6] 1947 ۾ ھي ادارو ختم ٿي ويو ۽ ان جاءِ تي ٻہ ادارا ٺھيا جن مان ھڪ انديا ۾ : انڊين سول سروس ، ۽ ھڪ پاڪستان ۾ سينٽرل سپيرير سروس آف پاڪستان.

تاريخ

[سنواريو]

پاڪستان جو مشھور آء سي ايس بيوروڪريٽ قدرت الله شهاب پنھجي آتم ڪٿا شھاب نامه ۾ لکي ٿو تہ:آء سي ايس ڦرلٽ۾ جنم ورتو ، لڙائين ۾ جوان ٿي، سلطنت آرائي ۾ عروج تي پھتي ۽ ننڍي کنڊ جي آزاديءَ سان ان جو خاتمو ٿيو.[7] آء سي ايس جي قيام کان اڳ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي افسرشاھي تي تبصرو ڪندي قدرت الله شهاب لکي ٿو تہ :جڏھن ايسٽ انڊيا ڪمپني ھندوستان ۾ تجارت جي آڙ ۾ سياسي ڄار وڇايو تہ انگلينڊ مان ملازمن جو وڏو تعداد ھتي اندو جن جي ماھوار پگھار پنج پائونڊ ھوندي ھئي ۽ آھي ملازم گھڻي ڀاڱي ڪمپني جي ڊائريڪٽرن جا رشتيدار ۽ دوست ھوندا ھئا جن کي ڪمپني لاءِ واپار ڪرڻ سان گڏوگڏ پنھنجي ذاتي واپار ڪرڻ جي بہ اجازت ھئي . انھن جو اھڙي طرح مقامي ھندو بنين سان تعلق جڙي ويو. اھي مقامي راجائن ، واپارين، زميندارن کان زروي نذرانا وصول ڪندا ھئا.چند سالن ۾ ھتان لکين روپيا ميڙي انگلينڊ وڃي ملڪيتون خريد ڪري اتان جا نواب ٿي ويندا ھئا. انھن جي ترقي ڏسي انگلينڊ جي ماڻهن جو ڪمپني جي ملازمت حاصل ڪرڻ ڏانھن رجحان وڌيو جنھن جو فائدو وٺندي ڪمپني جي ڊائريڪٽرن نوڪريون وڪڻڻ شروع ڪيون ۽ ھڪ نوڪري ھڪ ھزار کان ٽي ھزار پائونڊن ۾ وڪرو ٿيڻ لڳي.نوڪري پئسن تي ملي ھجي يا سفارش تي ٻنھي صورتن ۾ ڪمپني جي ملازم جي ڪوشش اھا ھوندي ھئي تہ ٿوري عرصي ۾ گھڻي کان گھڻو ڪمائي واپس وڃي عيش جي زندگي گذارين.[7] اھڙين حالتن ۾ آء سي ايس جو بنياد پيو. قدرت الله شهاب مطابق آء سي ايس جو پھريون امتحان 1855 ۾ لنڊن ۾ ورتو ويو. 1864 ۾ پھريون ھندوستاني آفيسر آء سي ايس ۾ پاس ٿيو. 1871 ۾ ھندوستاني ماڻھن جو تعداد چار ٿي ويو جيڪي سڀ ھندو ھيا. ايندڙ 50 سالن ۾ 1821 تائين جيڪي ھندوستاني آء سي ايس پاس ڪري نڪتا انھن ۾ تقريبن سڀ ھندو ھيا.جنھن جو مکيہ سبب اھو ھو تہ 1880 ء 1881 ۾ ھاء اسڪولن ۾ ھندو شاگردن جو تعداد 36686 ھیو جڏھن تہ مسلمان شاگرد صرف363 ھيو. ساڳي سال ھندوستان ۾ 3155 ھندو گريجوئيٽ ھيا ۽ مسلمان صرف 75 ھيا .1821 کان پوءِ مسلمانن جو تعداد وڌڻ شروع ٿيو جيڪو سر سيد جي تحريڪ جو نتيجو ھو.[8]

حوالا

[سنواريو]
  1. Dewey, Clive. Anglo-Indian Attitudes: Mind of the Indian Civil Service. A&C Black, 1993. ISBN 978-0-8264-3254-4. 
  2. "The Indian CivilService".  Unknown parameter |acc essdate= ignored (مدد)
  3. "Administering India: The Indian Civil Service". حاصل ڪيل 18 September 2014. 
  4. Surjit Mansingh, The A to Z of India (2010), pp 288–90
  5. Michael J. Nojeim (2004). Gandhi and King: The Power of Nonviolent Resistance. Greenwood. p. 50. https://books.google.com/books?id=lme8yEeWOr8C&pg=PA50. 
  6. A. Martin Wainwright (2008). 'The better class' of Indians: social rank, imperial identity, and South Asians in Britain, 1858–1914. Manchester U.P.. https://books.google.com/books?id=w1QiAQAAIAAJ. 
  7. 7.0 7.1 {شھاب نامه؛ قدرت اللہ شھاب؛ صفحہ 90}
  8. {شھاب نامه؛ قدرت اللہ شھاب؛ صفحہ 90کان 97}