مواد ڏانھن هلو

انٽون چيخوف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
انٽون چيخوف

چيخوف جي يادگار تصوير
پيدائش انٽون پاولووچ چيخوف
29 جنوري 1860(1860-01-29)[1]
ٽيگنروگ, اڪاٽيرنوسلاف گورنريٽ, روسي ايمپائر
وفات 15 جُولاءِ 1904 (عمر 44 سال)[2]
بيڊن ويلر, گرينڊ ڊچي آف بيڊن, جرمن ايمپائر
مدفون نوووڊيوچي قبرستان, ماسڪو
ڌنڌو طبيب، ڪھاڻيڪار، اسٽيج ڊراما نويس
قوميت روسي
مادرِ علمي فرسٽ ماسڪو اسٽيٽ ميڊيڪل يونيورسٽي
ايوارڊ پشڪن پرائيز
جيون ساٿي اولگا نپر( Olga Knipper)

دستخط

انٽون پاولووچ چيخوف (انگريزي: Anton Pavlovich Chekhov) روس جو مشھور اسٽيج ڊراما نويس ۽ ڪھاڻيڪار ھيو جنھن جو شمار روس جي عظيم اديبن ۾ ٿئي ٿو.[3][4]ھي 29 جنوري 1860 ۾ روسي ايمپائر جي شھر ٽيگنروگ ۾ ھڪ مڊل ڪلاس واپاري خاندان ۾ پيدا ٿيو. پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر ھيو. ھن پنھنجي پيشي ۽ ادبي زندگيءَ تي تبصرو ڪندي چيو ھو تہ " طب منھنجي جائز زال آھي" ۽ "ادب منھنجي محبوبه آھي".[5]

زندگي جو احوال

[سنواريو]
ٽيگنروگ شھر ۾ چيخوف جو گھر
چيخوف 1882 ۾ جڏھن نوجوان ھيو
روسي شھر ٽيگنروگ جو ڇوڪرن جو اسڪول ٽيگنروگ بوائز جمنازيم جتي چيخوف يارھن سال تعليم پرائي ھئي
چيخوف جو پورٽريٽ جنھن ۾ مقامي لباس ۾ ڏيکاريل
چيخوف جي پنھنجي ڀاءُ نڪولائي سان گڏ 1882 ۾ نڪتل تصوير
1890 ۾ چيخوف جو خاندان ( مٿين قطار ۾ کاٻي کان ساڄي) اوان اليگزينڊر، پيء ( مٿان کان ٻين قطار ۾) اڻڄاتل دوست، ليڪا مزنوفا، ماشا (ماء)، سيريوزھا ڪسليف (ھيٺين قطار ۾) ميشا ، اينٽن چيخوف
چيخوف جو ڪلاسيڪي انداز
چيخوف جو گھر ميلخوف جيڪو ھاڻي ميوزيم آھي
انٽون چيخوف 1893 ۾
چيخوف جو پورٽريٽ
ليو ثالسٽاء ۽ يالٽا سان 1900 ۾ نڪتل تصوير
پنھنجي زال اولگا نپر سان 1901 ۾ ھني مون واري تصوير

انٽون چيخوف 17 جنوري 1860 ۾ روس جي ازوف سمنڊ تي واقع بندرگاھ ٽيگنروگ م پاول ييگورووچ چيخوف جي گھر ۾ پيدا ٿيو. پراڻي ڪيلنڊر مطابق ھن جو جنم ڏينهن 29 جنوري ھيو. سندس پيءُ کي ڪرياني جو دڪان ھيو ۽ اھو ھڪ پڪو آرٿوڊڪس عيسائي ھيو. چيخوف جي ماء جو نالو ييوجينيا (موروزوفا) ھيو جيڪا ڪپڙن جي واپاري جي نياڻي ھئي ۽ پيء سان واپار لاء سڄو روس گھميل ھئي.[6][7][8] چيخوف کين ياد ڪندي ھڪ دفعو لکيو هو ته "اسان کي ڏات پيء کان ملي ۽ ماڻھپو ماء کان مليو ." [9] چيخوف ٽيگنروگ جي گريڪ اسڪول ۽ پوء جمنازيم ۾ تعليم حاصل ڪئي.
1876 ۾ چيخوف جي والد نئون گھر ٺھرايو جنھن ۾ ٺيڪيدار ساڻس ڌوڪو ڪيو جنھن جي ڪري سندس ڏيوالو نڪري ويو ۽ قرضدارن جي قيد کان بچڻ لاء ماسڪو ڀڄي ويو جتي اڳي ئي سندس ٻہ وڏا پٽ اليگزينڊر چيخوف ۽ نڪولائي چيخوف يونيورسٽي ۾ پڙهي رھيا ھئا. ماسڪو ۾ خاندان غريبي ۾ زندگي گذارڻ لڳو.[10] چيخوف کي پوئتي تعليم مڪمل ڪرڻ لاء ۽ خانداني اثاثا وڪڻڻ لاء ٽيگنروگ ۾ ڇڏيو ويو جتي ٽي سال رھيو ۽ ٽيوشن پڙھائي پنھنجي تعليمي خرچن کي منھن ڏنو.[11] جيڪي روبل ھن وٽ بچندا ھئا ھي ماسڪو پنھنجي خاندان ڏانھن موڪليندو هو ۽ ان دؤر ۾ ھن پنھنجي مطالعي کي وڏي پيماني تي جاري رکيو.ھن ڪافي معاشقا بہ ڪيا جن ۾ پنھنجي استاد جي زال سان معاشقو پڻ شامل آهي. 1879 ۾ تعليم مڪمل ڪري ماسڪو ۾ خاندان سان گڏ رھڻ شروع ڪيو جتي ھن فرسٽ ماسڪو اسٽيٽ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي. 1884 ۾ ھن طب جي ڊگري حاصل ڪري طبيب ٿيو جيڪو ان جو مکيه پيشو بڻيو. تنھن ھوندي بہ ھن جي ڪمائي پوري ساري رھي ڇوتہ جي غريبن جو مفت علاج ڪندو هو.[12] 1884 ۽ 1885 ۾ کيس کنگھ سان رت ايندي ھئي ۽ 1886 ۾ ھن جي حالت وڌيڪَ خراب ٿي جو کيس ٽيوبرڪيولاسس يا ٽي بي جي بيماري لڳي چڪي ھئي پر ان کي ھي لڪائيندو رھيو.[13]ھن آمدني ۾ اضافي لاء ۽ بھتر رھائش حاصل ڪرڻ لاءِ ھفتيوار رسالن ۾ لکڻ جاري رکيو.1887 ۾ ھن ھڪ ٿيئٽر لاء ايوانوف ڊرامو لکيو.1895 ۾ سيگل (سيگل پکي)، 1897 ۾ انڪل وانيا ( چاچو وانيا)، 1900 ۾ ٿري سسٽرز (ٽي ڀينرون)، 1903 ۾ چيري آرچرڊ (چيري جو باغ) نالي مشھور ڊراما لکيا. 1889 ۾ سندس ڀاءُ نڪولائي چيخوف ٽي بي جي بيماري جي ڪري وفات ڪري ويو ان واقعي ھن کي دي ڊريئري اسٽوري (مايوسي جي ڪھاڻي) لکڻ تي اتساھيو[14][15].1890 ۾ ھي اوڀر روس جي مشڪل سفر تي نڪتو جنھن ۾ ھي ريل، گھوڙي گاڏي ۽ درياء واري آگبوٽ تي سفر ڪندي سزا ڪاٽيندڙ قيدين جي بيٺڪ ڪيٽورگا ۽ جپان جي اتر ۾ واقع سکالن ٻيٽ تي پھچي ٽن مھينن تائين ھزارين قيدين ۽ ان بيٺڪ ۾ آباد ڪيل ماڻھن سان ملاقاتون ڪيون.

روس جي اليگزينڊروسڪ سکالنسڪي شھر ۾ گھر جنھن ۾ 1890 ۾ چيخوف ترسيو هو جيڪو ھاڻي چيخوف ميوزيم آھي
روسي شھر اليگزينڊروسڪ سکالنسڪي ۾ انٽون چيخوف جو مجسمو

ھن سفر ۾ ھن اتي رھندڙن جي ڪسمپرسيءَ واري حالت، عورتن جي جنسي غلامي، ڪوڙن لڳائڻ واري سزا، کاڏي پيتي جي رسد ۾ غبن جي واقعن تي کيس ڏاڍو صدمو رسيو جنھن ڪري ھن سماجي سائنس تي ڪتاب سکالن ٻيٽ لکيو.[16][17]1892 ۾ ھن ماسڪو کان ڏکڻ طرف 40 ميلن جي فاصلي تي ميليخووو ۾ ھن ملڪيت خريد ڪري اتي ھڪ گھر ۾ رھائش اختيار ڪري زميندار بڻيو. مارچ 1897 ۾ ھن جي ڦڦڙ ۾ ھيمريج ٿيڻ جي ڪري طبعيت بگڙي ويس ۽ کيس منٿون ڪري اسپتال وڃڻ لاء راضي ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن ٽي بي جي بيماري جي تشخيص ڪئي ۽ کيس رھڻي ڪھڻي جي طور طريقي بدلائڻ جو مشورو ڏنو[18].1989 ۾ سندس والد جي وفات کان پوءِ ھن يالٽا ۾ گھر تعمير ڪرائي ماء ۽ ڀيڻ کي ان ۾ منتقل ڪيو.25 مارچ 1901 م ھن اولگا نپر سان چپ چاپ ۾ شادي ڪري ڇڏي.يالٽا م ھن مشھور ڪھاڻي دي ليڊي ود ڊاگ (ڪتي واري عورت) لکي[19].مئي 1904 ۾ ٽي بي ھن جي لاءِ موتمار حالت تائين وڌي وئي.3 جون تي زال سان گڏ جرمنيءَ جي شھر بيڊن ويلر روانو ٿيو جتي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. ھن جو لاش ريل جي مڇين واري ريفريجريٽيڊ گاڏي ۾ رکي ماسڪو منتقل ڪيو ويو. کيس ماسڪو جي نوووڊيوچي قبرستان ۾ پيء جي قبر ڀرسان دفنايو ويو.

حوالا

[سنواريو]
  1. Letter to G. I. Rossolimo, 11 October 1899. Letters of Anton Chekhov
  2. Rayfield 1997595.
  3. "Greatest short story writer who ever lived." Raymond Carver (in Rosamund Bartlett's introduction to About Love and Other Stories, XX); "Quite probably. the best short-story writer ever." A Chekhov Lexicon, by William Boyd, The Guardian, 3 July 2004. Retrieved 16 February 2007.
  4. "Stories ... which are among the supreme achievements in prose narrative." Vodka miniatures, belching and angry cats, George Steiner's review of The Undiscovered Chekhov, in The Observer, 13 May 2001. Retrieved 16 February 2007.
  5. Letter to Alexei Suvorin, 11 September 1888. Letters of Anton Chekhov. On Wikiquote.
  6. Payne, XVII.
  7. Simmons 197018.
  8. Chekhov and Taganrog, Taganrog city website.
  9. From the biographical sketch, adapted from a memoir by Chekhov's brother Mihail, which prefaces Constance Garnett's translation of Chekhov's letters, 1920.
  10. Letter to cousin Mihail, 10 May 1877. Letters of Anton Chekhov.
  11. Payne, XX.
  12. Malcolm 200426.
  13. Letter to N.A.Leykin, 6 April 1886. Letters of Anton Chekhov.
  14. "A Dreary Story.". Retrieved 16 February 2007.
  15. Simmons 1970186–91.
  16. Malcolm 2004125.
  17. Simmons 1970, p. 229: Such is the general critical view of the work, but Simmons calls it a "valuable and intensely human document."
  18. Letter to Suvorin, 1 April 1897. Letters of Anton Chekhov.
  19. Rosamund, Bartlett (2 February 2010). "The House That Chekhov Built". London Evening Standard: p. 31.