انٽرنيٽ ڊومين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

انٽرنيٽ ڊومين(انگريزي: Internet Domain ) جي معنيَ آهي انٽرنيٽ جو دائرو جنھن کي ڪنھن بہ مخصوص نالي سان ظاھر ڪيو ويندو آهي ۽ اھو ڊومين يا دائري جو نالو انٽرنيٽ ڊومين سمجھيو ويندو آھي. ڪمپيوٽر جي پروگرام واري عمل م انگن اکرن جي مخصوص ترتيب کي اسٽرنگ (تار) سڏيو ويندو آهي ۽ انٽرنيٽ دائرو ھڪ شناختي اسٽرنگ ھوندو آھي جيڪو انٽرنيٽ ۾ انتظامي خودمختياري، اٿارٽي يا ضابطي جي دائري جي وضاحت ڪندو آهي. انٽرنيٽ دائرن جا نالا مختلف نيٽورڪنگ جي عبارتن لاء، مختلف ايپليڪيشنن جي مخصوص ڪيل نالن ۽ ڪنھن سان مخاطب ٿيڻ لاء استعمال ڪيا ويندا آهن. عام طور تي انٽرنيٽ ڊومين جو نالو نيٽورڪ ڊومين يا نيٽورڪ واري دائري جي سڃاڻپ ڪندو آهي يا وري انٽرنيٽ پروٽوڪول (IP) جي وسيلن جي نمائندگي ڪندو آهي جيئن ذاتي ڪمپيوٽر انٽرنيٽ تائين پھچڻ جو ھڪ وسيلو آهي يا ڪو سرور وارو ڪمپيوٽر ڪنھن بہ ويبسائٽ جي ميزباني ڪرڻ جو ھڪ وسيلو آهي، يا انٽرنيٽ تي ڳالھ ٻولھ ڪرڻ لاء ڪابہ ويب سائيٽ ان جو وسيلو ھوندي آھي. 2017 م 33،06،00،000 ڪروڙ انٽرنيٽ جي دائرن جي نالن جي رجسٽريشن ٿي چڪي ھئي. انھن نالن جو اضافو پڻ ڪيو ويندو آهي، ان لاءِ نالي پٺيان وڌاء ۾ org. يا net. يا com. لکيو ويندو آهي[1] ان اضافي ۾ سڀ کان وڌيڪَ com. جو اضافو عام ھوندو آھي. ان اضافي سان ڏھ ڪروڙ کان مٿي نالا درج ٿي چڪا آهن[2].
com. وارو ڊومين يا دائرو ڪمرشل ھوندو آھي. org. جو ڊومين يا دائرو آرگنائيزيشن يا تنظيم يا شعبي لاء ھوندو آھي ۽ net. جو نيٽورڪ لاء ھوندو آھي. ڪجهه اضافا ملڪن جي نالن سان مخصوص ڪيل ھوندا آھن جيئن uk. جو مطلب يونائيٽيڊ ڪنگڊم ۽ jp.جو مطلب جپان ۽ pk. جو مطلب پاڪستان آهي. انٽرنيٽ ڊومين ڪنھن بہ ڪاروبار جي سڃاڻپ جو بھتر طريقو ھوندو آھي[3]. مثال طور "MySpace.com" ظاھر ڪري ٿي تہ ان م ان جي استعمال ڪندڙن لاءِ اسپيس يا گنجائش آھي[4].

حوالا[سنواريو]

  1. "ICANN". www.icann.org. 
  2. "Report: More Than 250M Domain Names Have Now Been Registered, Almost Half Are .Com And .Net". 
  3. http://dnib.com/
  4. "Featured Content on Myspace". Myspace.