انوپ ڳڙھ (قديم آثار)
انوپ ڳڙهه1 (Anup Garh I ) سنڌو تهذيب جي پوئين دور (Late Harappan Period) سان واسطو رکندڙ ماڳ ويڪرائي ڦاڪ "38'15°26 اتر ۽ ڊگهائي ڦاڪ "28'20°76 اوڀر تي ڳوٺ انوپ ڳڙهه، ضلعي جند، هريانا، ڀارت ۾ موجود آهي. هن دڙي کي مقامي طور "کيرا" جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ٻن هيڪٽرن (4.94 ايڪڙن) جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل هن دڙي جو وڏو حصو پوکيءَ هيٺ اچي چڪو آهي. مٿاڇري تان ملندڙ ٺڪراٺو ۽ ٻيون وٿون سنڌو تهذيب جي پوئين دؤر سان ڀيٽڻ جهڙيون ملن ٿيون.[1]
انوپ ڳڙهه 2 (Anup Garth II) هي ٻيو دڙو آهي جيڪو ڳوٺ انوپ ڳڙهه (هريانه) کان 2 ڪلو ميٽر اتر ۾ هڪ واريءَ جي ڊرينهن تي آهي جيڪا زميني سطح کان 4 ميٽر اچي آهي. هي دڙو ويڪرائي ڦاڪ "59'15°29 29° اتر ۽ ڊگهائي ڦاڪ "50'20°79 اوڀر تي هريانه صوبي جي شهر انوپ ڳڙهه ۾ پراڻي مينار کان 500 ميٽرن جي فاصلي تي موجود آهي. ماڳ جو وڏو حصو پوکائي هيٺ اچي چڪو آهي. جڏهن باقيات 2.5 هيڪٽرن جي ايراضيءَ ۾ ڦهليل آهن. هتان سنڌو تهذيب جي اوج واري دؤر (Calture Harappan period) جا نوادرات مليا آهن. ٿانون ۾ ڳنائين ٿالهي جنهن جي منهن جا ڪنا ٻاهر نڪتل آهن. هڪ ڪَنو، ڪنهن ٿانون جو پاسو، پيالا، پاٽيون ۽ ٻيو ٺڪر جو سامان مليو آهي.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ انوپ ڳڙهه1 : (Sindhianaسنڌيانا)[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ انوپ ڳڙهه 2 : (Sindhianaسنڌيانا), archived from the original on 2016-03-29, retrieved 2016-06-16
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (help)