انوپ ڳڙھ (قديم آثار)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

انوپ ڳڙهه1 (Anup Garh I ):سنڌو تهذيب جي پوئين دور (Late Harappan Period) سان واسطو رکندڙ ماڳ 26° 15\' 38.4\" ڊگريون -اتر- ويڪرائي ڦاڪ ۽ 76° 20\' 28.2\" ڊگريون -اوڀر- ڊگهائي ڦاڪ تي ڳوٺ انوپ ڳڙهه، ضلعي جند ۾ موجود آهي. هن دڙي کي مقامي طور کيرا جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ٻن هيڪٽرن (4.94 ايڪڙن) جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل هن دڙي جو وڏو حصو پوکيءَ هيٺ اچي چڪو آهي. مٿاڇري -تان- ملندڙ ٺڪراٺو ۽ ٻيون وٿون سنڌو -تهذيب- جي پوئين دؤر سان ڀيٽڻ جهڙيون ملن ٿيون.[1]

انوپ ڳڙهه 2 (Anup Garth II ):هي ٻيو دڙو آهي جيڪو ڳوٺ انوپ ڳڙهه (هريانه) کان 2 ڪلو ميٽر -اتر- ۾ هڪ واريءَ جي ڊرينهن تي آهي جيڪا زميني سطح کان 4 ميٽر اوچي آهي. هي دڙو 29°15\'58.9\" ڊگريون اکر ويڪرائي ڦاڪ 76°20\'49.9\" -اوڀر- ڊگهائي ڦاڪ تي هريانه صوبي جي شهر/ڳوٺ انوپ ڳڙهه ۾ پراڻي مينار کان 500 ميٽرن جي فاصلي تي موجود آهي. ماڳ جو وڏو حصو پوکائي هيٺ اچي چڪو آهي. جڏهن باقيات 2.5 هيڪٽرن جي ايراضيءَ ۾ ڦهليل آهن. هتان سنڌو -تهذيب- جي اوج واري دؤر (Calture Harappan period) جا نوادرات مليا آهن. ٿانون ۾ ڳنائين -ٿالهي- (Dish.on.stand) جنهن جي منهن جا ڪنا ٻاهر نڪتل آهن. هڪ ڪَنو، ڪنهن ٿانون جو -پاسو-، پيالا، پاٽيون ۽ ٻيو -ٺڪر- جو سامان مليو آهي.[2]

حوالا[سنواريو]