انور ھالائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

محمد شفيع ولد احمد خان ابڙو ”شيدا“، 15 ڊسمبر 1925ع تي هالا ۾ ڄائو. سنڌي ٻوليءَ جو سٺو شاعر هو. شاعريءَ جي اصلاح انجم هالائيءَ ۽ اختر هالائيءَ کان وٺندو هو. انهن جي ئي صحبت ۾ ”انور هالائي“ طور سڃاتو ويو. بزم طالب الموليٰ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان زندگيءَ جو وڏو حصو، ادبي خدمتن ۾ گذاريائين. سنڌي ادبي بورڊ جي ٻارن جي رسالي ”گل ڦل“ جو ڪيترا سال ايڊيٽر رهيو. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”چنڊ جون ڪلائون“ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپيل آهي. سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن، هن جو ترتيب ڏنل ڪتاب ”ٻارن جو شاھ“ پڻ ڇپايو آهي، جنهن ۾ هن ٻارن جي سمجھ وارا شاھ جا بيت شامل ڪيا هئا. هن ڪتاب جو پيش لفظ محمد ابراهيم جويي جو لکيل آهي. انور هالائي، 12 جنوري 1994ع تي دل جي دؤري سبب وفات ڪري ويو.[1]

حوالا[سنواريو]