انور علي شاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سيد -انور علي شاهه- 1906ع ڌاري ڳوٺ جهانپور شريف تعلقي گهوٽڪيءَ ، ضلعي سکر ۾ ڄائو . سندس شجرو اٺن واسطن کان پوءِ عبدالڪريم شاهه سبيءَ واري ۽ چوڏهن واسطن کان پوءِ جهانيان جهان گشت سان ملي ٿو . جڏهن کيس اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو ته -ان- طرف ڪوبه ڌيان نه ڏنائين . مجبور ٿي مائٽن کيس گهر ۾ ويهاري ڇڏيو . پيءُ جي وفات کان پوءِ سندس تربيت جو ذمو سندس چاچي بهادرشاهه کنيو ، جيڪو پاڻ عالم ۽ حافظ قرآن هو . -انور- شاهه کي جڏهن قرآن شريف پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو ته هڪ مهيني ۾ پڙهي پورو ڪيائين . ڪجهه وقت لاءِ -جامع مسجد- ۾ امامت به ڪيائين . نهايت سخي هوندو هو . ڳوٺ ۾ هڪ آشيانو به اڏيائين ، -جتي- عقيدتمند ۽ مريد وٽس گهڻي انداز ۾ اچڻ لڳا . انهيءَ وقت کان شاعري پڻ شروع ڪيائين . سندس شاعري سنڌيءَ ، اردوءَ ، سرائيڪيءَ ۽ فارسيءَ ۾ آهي . 5 -جولاءِ- 1962ع تي وفات ڪيائين . سندس مزار تي هر سال 21 محرم تي ميلو لڳندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]