انور ساگر ڪانڌڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

انور ساگر ڪانڌڙو- موري شهر جو نوجوان شاعر آهي. هن پهرين مئي 1973ع تي ڳوٺ ’الهبچائي ڪانڌڙي‘ تعلقي موري ۾ -جنم- ورتو. سندس ڳوٺ دادو- موري پل جي ڀرسان آهي، درياهه ۽ ڪچي جي نظارن هن ۾ ننڍي هوندي کان فطرت سان پيار پيدا ڪيو ۽ سندس من جو لڪل تخليقڪار شاعر جي صورت ۾ نڪري نروار ٿيو. 2001ع ۾ سگا پاران ڪرايل ڪُل سنڌ مشاعري ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪيائين. مئٽرڪ ڪرڻ بعد پرائمري ماستري ڪيائين. ڊبل ايم. اي (ايم. اي سنڌي ۽ ايم. اي -اردو-) آهي. 1999ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪري، 2000ع کان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج (ڪاري موري) حيدرآباد ۾ گورنمينٽ ڪاليج نوشهروفيروز ۽ گورنمينٽ ڪاليج قاسم -آباد- ۾ بطور ليڪچرر -اردو- ڪم ڪيائين، ڪجهه وقت سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشوري ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ -اردو- طور خدمتون سرانجام ڏيندي ڪلاس پهرئين کان ٻارهين ڪلاس تائين جي -اردو- درسي ڪتابن جي -ايڊيٽر- طور ڪم ڪيائين. 1996ع ۾ سنڌي ادبي سنگت موري جو سيڪريٽري، ضلعي نوشهري فيروز جو رابطه سيڪريٽري (1998ع) ۽ سگا موري جو جوائنٽ سيڪريٽري رهي چڪو آهي. 2003ع ۾ سنڌ پروفيسر ليڪچرر ائسوسيئيشن گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد جو صدر رهي چڪو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ 1- ”دمادم مست قلندر“ (ترتيب ڏنل مقالا 2008ع)، 2- ”سماجي اڀياس“ (ضلعو دادو، ڄامشورو، قمبر – شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب -آباد- آهن. سندس ڇپائي هيٺ ڪتابن ۾ ”زندگيءَ جو ناد کڻي شاعري اُٿي“، ”سنڌي ادب جي مختصر -تاريخ-“ ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ترجمي جو ڪتاب ”لوڪ ڪهانيان“ ڇپائي هيٺ آهن. هو اڄڪلهه گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج قاسم -آباد- ۾ ليڪچرر آهي.[1]

حوالا[سنواريو]