انور سائينء جو رسالو
شاعريءَ جو هي مجموعو ”-انور- سائين جو رسالو“ درگاهه جهانپور شريف گھوٽڪيءَ جي سجاده نشين صوفي سيد -انور علي شاهه- جي ڪلام تي مبني آهي. جيڪو 2007ع ۾ درگاهه عاليه جهانپور شريف پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هن رسالي ۾ موجود شاعريءَ جو اڌ حصو اڳ ۾ ”ديوان -انور-“ نالي سان 2000ع ۾ ڇپيو هو. -ان- کانسواءِ درگاهه جي فقيرن ۽ ٻين هنڌان مليل ڪلام کي گڏ ڪري”-انور- سائينءَ جي رسالي“ جي صورت ۾ ڇپايو ويو آهي. هن ۾ -انور- سائين جو مڪمل ڪلام شامل ڪيل آهي. هيءُ رسالو فقير سيد عبادت علي شاهه سهيڙيو آهي ۽ رسالي جا نگران فقير سيد سخاوت علي شاهه (هاڻوڪو سجاده نشين) سيد منور علي، سيد تصور علي، سيد عبادت علي، سيد -بشارت- علي ۽ فقير سيد قدير حسين شاهه آهن. جڏهن ته نظر ثاني فقير سيد حضور بخش شاهه، فقير سيد سخاوت علي شاهه، سيد عبادت علي شاهه، پروفيسر عبدالمجيد سنڌي ۽ فقير -استاد- -بشير احمد- سومري ڪئي آهي. رسالي ۾ سندن سنڌي، سرائيڪي ۽ -اردو- ڪلام شامل آهي. ڪلام جو پيش لفظ فقير سيد عباد علي شاهه لکيو آهي، جنهن ۾ فقير -انور- سائين ءَ جي حسب نسب جي تفصيلي طور ڄاڻ ڏني وئي آهي. پڪي جلد ۾ ڇپيل هن ڪتاب ۾ فقير -انور- سائين ۽ ٻين سجاده نشينن جون چئن صفحن تي رنگين -تصويرون- به ڏنل آهن. ڊيمي سائيز ۾ ڇپيل هن رسالي جي قيمت هديو 150 روپيه آهي.[1]