انور الدين شيخ
انورالدين شيخ (Anwaruddin Sheikh) سنڌ جو هڪ ناميارو تعليمي ماهر، بااصول منتظم ۽ سماجي خدمتن سبب مشهور شخصيت هو. کيس پني عاقل ۾ جديد تعليمي شعور بيدار ڪندڙ باني طور سڃاتو وڃي ٿو.[1]
پيدائش ۽ تعليم
[سنواريو]انورالدين شيخ 16 نومبر 1931ع تي پنو عاقل جي معروف سماجي شخصيت امير بخش شيخ جي گھر ۾ جنم ورتو. هن پنهنجي ابتدائي تعليم مين پرائمري اسڪول پني عاقل مان حاصل ڪئي. سيڪنڊري تعليم لاءِ هن سکر جي ڊي. سي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي، جڏهن ته انٽر ۽ بي.اي جي تعليم شڪارپور جي مشهور سي.اينڊ.ايس ڪاليج مان حاصل ڪيائين.[1]
1958ع ڌاري هن سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ايم. اي ڪئي. يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران هن مشهور عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي رهنمائي هيٺ ساڍا ٽي سؤ صفحن تي مشتمل هڪ ڪتاب جو ترجمو ”وهم“ جي عنوان سان ڪيو، جيڪو اڄ به سنڌالاجي ۾ موجود آهي.[1]
عملي زندگي ۽ خدمتون
[سنواريو]انورالدين شيخ پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز هڪ استاد جي حيثيت سان ڪيو. هو مرحوم لطف الله بدويءَ کي پنهنجو آئيڊيل استاد مڃيندو هو.
- انتظامي عهدا: 1960ع ۾ هن هيڊ ماستر طور ذميواريون سنڀاليون. هن چڪ، مدئجي، ڳڙهي ياسين، ڀيلار ۽ پني عاقل ۾ تعليمي نظام جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو.
- تعليمي بورڊ: بعد ۾ کيس تعليمي بورڊ سکر جو ڪنٽرولر مقرر ڪيو ويو، جتي هو پنهنجي ايمانداري ۽ سخت انتظامي اصولن سبب مشهور رهيو. ان کان پوءِ هن ڊائريڪٽوريٽ آف اسڪولس ايجوڪيشن حيدرآباد ۾ اسٽيٽيڪل آفيسر طور پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ 1986ع ۾ رٽائر ٿيو.[1]
مهراڻ ايڊيوڪيشنل سوسائيٽي جو قيام
[سنواريو]1985ع ۾ هن پنهنجي شهر ۾ تعليمي معيار جي سڌاري لاءِ عبدالڪريم شيخ، محمد نواز ڀٽي، محمد پنجل مهيسر ۽ ٻين دوستن سان ملي ”مهراڻ ايڊيوڪيشنل سوسائيٽي“ جو بنياد وڌو. هن سوسائيٽي تحت ”مهراڻ ماڊل اسڪول“ قائم ڪيو ويو. هن اداري جي مقبوليت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي حڪومت دوران ٻه ڀيرا هن اداري جو دورو ڪيو ۽ 50 لک رپيا سهڪار طور ڏنا.[1] هن وقت هتي ڪي.جي کان ڪاليج سطح تائين هزارين شاگرد جديد سائنسي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.
تصنيفون ۽ تاليفون
[سنواريو]هن تعليمي خدمتن سان گڏ ادبي ميدان ۾ پڻ پنهنجو حصو وڌو:
- 1970ع ۾ سندس ڪتاب ”جديد سنڌي مضمون“ شايع ٿيو.
- رياضيءَ جو هڪ ترتيب ڏنل ڪتاب پڻ شايع ٿيس.
- ترجمو ڪيل ڪتاب ”وهم“.
وفات
[سنواريو]انورالدين شيخ 29 آڪٽوبر 2005ع تي رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ وفات ڪري ويو. کيس پني عاقل جي ”مائي جندو قبرستان“ ۾ دفن ڪيو ويو.[1]