انوار سھيلي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
انوار سھيلي جي ڪھاڻين مان ھڪ ڪھاڻي جو منظر

انوار سھيلي فارسي ٻوليءَ ۾ اخلاقي ۽ ادبي ڪتاب، جيڪو جانورن جي دلچسپ ۽ سبق آموز ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هن ڪتاب جو مؤلف ملا حسين واعظ ڪاشفي (910ھ/1504ع) هو. هيءُ ڪتاب نظام الدين امير شيخ احمد سهيليءَ جي خواهش تي لکيو ويو. ڪتاب لکندڙ جو بظاهر مقصدُ ابوالمعاليءَ جو ڪتاب ”ڪليله دمنه“ کي مڪمل فارسيءَ ۾ لکڻ ۽ ان مان عربي شعر ۽ مثال ڪڍڻ هو، پر هو ان ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيو، البت هن ”ڪليله دمنه“ مان ڪيترو ئي حصو حذف ڪري، ان جي جاءِ تي پنهنجي طرفان مقدمو لکيو ۽ ان سان گڏ مثنوي مولانا روم، گلستان سعدي ۽ ٻين ڪتابن جي حڪايتن جا حوالا آڻي، ڪتاب ٺاهيو، ۽ ان کي امير احمد سهيليءَ جي نالي پٺيان ”انوار سهيليءَ“ جو نالو ڏنو. هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]