انند ڀيرو (راڳڻي)
ڏيک
انند ڀيرو يا انند ڀيرون ڀيرو راڳ جو قسم ۽ سمپورن راڳڻي آهي . هي راڳ بہ مشر ميل آهي ، جنهن ۾ بلاول اترانگ ۾ ۽ ڀيرو پور وانگ ۾ ملايل آهن ، جيئن تہ ڀيرو جو قسم آهي ، ان لاءِ ڀيرو جو انگ دربل رکڻ ضروري اهي ۽ بلاول جو انگ ڪي قدر دٻيل هجي تہ چڱو . هن راڳڻيءَ ۾ اگر دَيوت تيور ڪجي تہ راڳ سور ڪانت جي صورت وٺندو ، جيڪو هاڻي رواج ۾ ڪو نہ آهي.
هن جو خاص سرگم: سا . را را . سا - ني ڌي پِا – سا - گي را گي ماپا ما گي را - را - سا آهي. هن جي آروهي سارا گي ما پا ڌي ني سَا ۽ امروهي ساني ڌي پا ما گي را سا آهي، جڏهن تہ وادي سُر کرج ۽ سموادي سُر ڌيوت آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ انند ڀيرو/ انند ڀيرون : (Sindhianaسنڌيانا)، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.