انشاءِ عطارد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيءُ ڪتاب منشي شيوڪرام ”عطارد“ (متوفي 1244ھ/1828ع) جو لکيل آهي. منشي عطارد فارسيءَ جو سٺو شاعر هو. سنڌ ۾ هن جو درجو اهو آهي، جيڪو هندستان اندر لاله لڇمي نارائڻ ۽ چندر ڀان -برهمڻ- جو هو. ٺٽي جو باشندو ۽ محسن ٺٽويءَ جو شاگرد هو. مير علي شير قانع سان خاص دوستيءَ جو رشتو هئس. ابتدا ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي دربار ۾ (86- 1170ھ/72-1756ع) منشي هو ۽ -ان- کان پوءِ جڏهن ميان سرفراز خان -تخت- نشين ٿيو ته -ان- جو مشير خاص ٿي رهيو. ”ديوان“ ۽ ”مثنوي هير رانجهو“ کان سواءِ هن جي خطن جو هيءُ مجموعو سنڌ جي -تاريخ- لاءِ بيش بها خزانو آهي. البت اسلوب نگارش ۾ تڪلف ۽ عبارت ۾ شيريني ۽ دلاويزي گهٽ اٿس، ليڪن تاريخي لحاظ کان نهايت قيمتي آهي. اِن ۾ ميان غلام شاهه (86- 1170ھ/1756-72ع)، ميان سرفراز ڪلهوڙي (89-1186ھ/75-1772ع) ۽ مير بجار شهيد (1194ھ/1780ع) جي سلسلي ۾ ڪيترا خط تاريخي دستاويز جي حيثيت رکن ٿا. عطارد جو انتقال مير ڪرم علي خان -ٽالپر- جي دؤر (44- 1227ھ/28-1812ع) ۾ ٿيو.[1]

حوالا[سنواريو]