انسان ۾ ساھ کڻڻ جو عمل

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

انسان ۾ ساهه کڻڻ جو عمل- ڦڦڙن ۽ -ان- سان ڳنڍيل نالين تي مشتمل هوندو آهي، جنهن سان هوا نڪ وسيلي جسم ۾ اندر داخل ٿيندي آهي. ڦڦڙ جسم ۾ سيني جي اندر ٿين ٿا. ساهه کڻڻ وقت هوا ڦڦڙن ۾ اندر داخل ٿيڻ کي ’ساهه کڻڻ‘ ۽ جسم کان ٻاهر نڪرڻ کي ’ساهه ڪڍڻ‘ چئبو آهي. هوا جڏهن نڪ مان گذرندي آهي ته اها گرم ۽ گهميل ٿي ويندي آهي. نڪ جي اندرئين حصي ۾ اهڙا گهرڙا هوندا آهن، جيڪي مِيُوڪس (Mucous) نيڪال ڪندا آهن، جنهن سان نڪ جو اندريون حصو آلو رهي ٿو ۽ -ان- آلاڻ جي ڪري ٻاهرين مٽي يا جيوڙا اٽڪي پوندا آهن ۽ صاف هوا ڦڦڙن ڏانهن رواني ٿيندي آهي. -ان- ئي ڪري طِبي ماهر (ڊاڪٽر) اسان کي نڪ مان ساهه کڻڻ جي صلاح ڏيندا آهن.[1]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%86%D8%B3%D8%A7%D9%86%20%DB%BE%20%D8%B3%D8%A7%D9%87%D9%87%20%DA%A9%DA%BB%DA%BB%20%D8%AC%D9%88%20%D8%B9%D9%85%D9%84