رت جي دوري جو سرشتو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

انسان جي رت جي دوري جو سرشتو دل ۽ رت جي نالين تي مشتمل آهي. دل (Heart ):مشڪن جو هڪ عضوو آهي، جيڪو رت کي جسم جي مختلف حصن ڏانهن ڌڪي ٿو يعني پمپ ڪري ٿو. هيءَ هڪ سخت پردي ۾ ويڙهيل ٿئي ٿي، جنهن کي دل جي ڳوٿري (پيريڪارڊيم) چئبو آهي. دل جا چار خانا ٿين ٿا: مٿين ٻن خانن کي ڪَنوتيون (Auricles) ۽ هيٺين ٻن خانن کي ’وينوتيون‘ (Ventricles) چئبو آهي. دل جو ساڄو ۽ کاٻو -پاسو-، پوريءَ طرح هڪٻئي کان جدا ٿين ٿا، -جن- ۾ ترتيبوار خراب ۽ سٺو رت هوندو آهي. رت جو دورو: خون، دل جي وينٽريڪل (Ventricle) مان نڪري پلمونري شريانن (Pulmonary artery) مان ٿيندو ڦڦڙن ۾ وڃي ٿو. هتي -آڪسيجن- جذب ڪري ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ خارج ڪري ٿو. اهو خون واپس پلمونري شريانن جي وسيلي کٻي اوريڪل (Auricle) ۾ اچي وڃي ٿو. کٻي پاسي وارو اوريڪل صاف خون کٻي وينٽريڪل ۾ پمپ ڪندو آهي. هتان صاف خون شريان ڪبير (Aorta) ۾ پهچي ٿو. شريان: ڪبير اسان جي جسم ۾ سڀ کان وڏي شريان آهي جيڪا اڳيان هلي ننڍين شريانن ۾ تقسيم ٿي وڃي ٿي.[1]

حوالا[سنواريو]