انساني پيدائشي عمل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

انساني پيدائشي عمل دوران مادي جنسي گهرڙا (آنا) ماديءَ جي پيدائش واري سرشتي ۾ ٺھندا آهن. اُهي آنا تمام ننڍا ٿين ٿا ۽ آني دانيءَ جي اندر هوندا آهن. هڪ ڀيرو جڏهن اُهي ٺھي تيار ٿين ٿا تہ اهي آني دانيءَ مان نڪري رحم (womb) ۾ اچن ٿا. مادي آني جو قطر 1.0 ملي ميٽر ٿئي ٿو، ان ۾ سائٽو پلازما ۽ نيوڪليس هوندو آهي، جنھن جي چوڌاري ’جيوگهرڙي‘ جو پردو چڙهيل هوندو آهي. نر جنسي گهرڙا يا نطفا (sperms) نر جي پيدائش واري سرشتي ۾ پيدا ٿيندا آهن. جن کي آنورا (Testies) چئجي ٿو. نطفا آني جي سوين حصي جي برابر ٿين ٿا. نطفي ۾ هڪ ننڍڙو مٿو ۽ هڪ ڊگهو پڇ ٿيندو آهي. مٿي واري حصي ۾ نيوڪليس ۽ سائٽو پلازم ٿئي ٿو ۽ پڇ اُن جي ترڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. ٻنهي جنسي گهرڙن کي گيميٽ (Gametes) چئجي ٿو. ڳُڀ (Embryo) نطفي ۽ آني جي ميلاپ سان ٺھي ٿو. نر ۽ مادي جنسي گهرڙي جي ان ميلاپ کي ڳڀ جهلڻ يا حمل (Fertilization) چئجي ٿو. جنسي جيو گهرڙن جي ميلاپ سان ٺھڻ واري گهرڙي کي نريل آنو يا زائيگوٽ (Zygote) چئجي ٿو. ڦرجڻ کان پوءِ آني جي هڪدم ورهاست شروع ٿئي ٿي. ڪيئي ڀيرا، ورهاست کان پوءِ هي ڳڀ (ايمبريو) ٺھي ٿو، جيڪو آخرڪار واڌ کائي هڪ فرد/ٻار جي شڪل اختيار ڪري ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]