اندر ڀوڄواڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اصل نالو اندر ديو ڄيٺانند -ڀوڄواڻي-، ۽ ادبي نالو”اندر -ڀوڄواڻي-“، سندس -تعليم- مئٽرڪ تائين هئي. 22 مارچ 1918ع تي ڳوٺ ٻيلي، تعلقي سجاول، ضلعي ڪراچيءَ (هاڻ -ٺٽي-) ۾ ڄائو. شاعر ۽ ليکڪ آهي، مضمون نويسي ۽ -تنقيد- سندس پسنديده موضوع آهن. ”پرهه باکون ڪڍيون“ (1963ع) ۽ ”بجليون ٿيون برسن“ (1970ع) سندس شاعريءَ جا ڇپيل ڪتاب آهن. -ان- کان سواءِ هڪ ٻيو ڪتاب ”تاثرات“ (1984ع) به ڇپيل اٿس. 1992ع ۾ وفات ڪري ويو.[1]

حوالا[سنواريو]