اندر جي اڇل
ڏيک
هي ڪتاب ناول نگار ۽ فيلسوف زان -پال- سارتر جو جڳ مشهور ناول Nausee جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو هن 1938ع ۾ لکيو، جيڪا سندس پهرين لکڻي هئي. -ان- ناول جا دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجما ٿي چُڪا آهن. سنڌيءَ ۾ انهيءَ ناول جو ترجمو ڊاڪٽر -بدر- اُڄڻ ڪيو آهي. سارتر ناول بابت پنهنجا ويچار ونڊيندي هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”خواب ناول“ ڪوڙ ڪٽڻ ۽ غلط بيانيءَ جي ڪري پڙهندڙ کي خوش ڪندو آهي، جڏهن ته ڪو سٺو ناول، ڪنهن خاص مقصد ۽ نظريي تي دارومدار رکندڙ، اڻٽر ادبي ضرورت آهي.“ سارتر جي سنڌي ترجمي تي مشتمل هن ناول جو مهاڳ نامور شاعر ۽ محقق -تاج- -بلوچ- لکيو آهي، هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو جون 2005ع ۾ سوجهرو پبلڪيشن پاران شايع ٿيو. هي ڪتاب 286 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي قيمت ڪچي جلد ۾ 150 ۽ پڪي جلد ۾ 200 ڄاڻايل آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ اندر جي اڇل : (Sindhianaسنڌيانا), اصل نسخو مان 2025-04-16 تي محفوظ ڪيل, 2016-06-13 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد)