انجڻيون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

انجڻيون هڪ قسم جي وڻ جو ڦر آهي، جيڪي نمورين وانگر ڪاري رنگ جون ٿين. اُن جا داڻا ڊگهيرا ٿين ۽ کائڻ ۾ ڪساريون آهن. پسارڪي وکر طور دوائن ۾ ڪم اچن ٿيون.

حڪيمن موجب انجڻيون معدي کي سگهارو ڪن ٿيون. ڪن بيمارين ۾ فائدو ڏين ٿيون. عام خيال آهي ته هي سوري بند ڪرڻ جو بہ خاص علاج آهن. ڏندن ۽ مھارن کي مضبوط ڪن ٿيون. قبض ڪشا آهن. هنن جو هميشہ استعمال اڇن وارن کي ڪارو ڪري ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]