انجوي شيرازي سيد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

انجوي شيرازي سيد:--- Anjvi Shirazi Syeds --- هن خاندان جو پهريون شخص جو سنڌ ۾ آيو. سو سيد محمد شيرازي هو. جو پنهنجي پٽ سيد احمد سان گڏ سنه 786ھ ۾. جو سال ابجد جي حساب سان بسم الله الرحمٰن الرحيم مان ٿو نڪري، ڄام صلاح الدين بن تماچيءَ جي وقت ۾ آيو ۽ ماڃر جي پرڳڻي ۾ مراد اوٺي جي ڳوٺ ۾ اچي رهيو. انهيءَ سيد کي ميران محمد ڪري سڏيندا هئا. مرڻ کان پوءِ انهيءَ ڳوٺ ۾ دفن ڪيو ويو. ليڪن سندس پوٽي سيد علي ثانيءَ جي ڏينهن ۾ مڪليءَ تي قبو ٺهيو ۽ انهيءَ ۾ هن جي لاش ڪڍي رکي ويئي. سيد محمد جي وفات کان پوءِ سندس پٽ سيد احمد هن جو جانشين ٿيو. هن سيد جي نسبت ۾ ذڪر لکيل آهي ته هڪڙي ڏينهن شيخ عيسيٰ جي ملاقات لاءِ ساموئي ۾ ويو. شيخ وٽ قاضي نعمت الله عباسي اڳيئي ويٺو هو، جو وڏو عالم ۽ فاضل شمار ڪيل هو. شيخ سيد جي ڏاڍي تعظيم ڪئي، پر قاضي چُريو ئي ڪين. ڳچ تائين صحبت ڪري جڏهين سيد اٿيو. تڏهين هن کي اڳي کان به زياده تعظيم ڏنائين. هن جي وڃڻ کان پوءِ قاضيءَ شيخ کان ايتري تعظيم جو سبب پڇيو. شيخ چيو ته هن جي پيڙهيءَ مان هڪڙو قطب پيدا ٿيڻو آهي. جو مون ڏٺو؛ جي حياتي هونديم ته انهيءَ جو آءٌ مريد ٿيندس. پر سيد احمد کي قاضيءَ جي بي پرواهيءَ ڪري گهڻو رنج ٿيو. انهيءَ رنج جو اهو اثر ٿيو ته جڏهين قاضي پنهنجي گهر ويو. تڏهين سندس نظر گم ٿي ويئي ۽ انڌو ٿي پيو. حيران ٿيو. انهيءَ رات سندس ڌيءَ فاطمه خواب ڏٺو. جنهن مان معلوم ٿيو ته سيد جي بي ادبيءَ کان ائين ٿيو آهي. آخر اها پنهنجي ڌيءَ جنهن جو نالو فاطمه هو، سا سيد کي نڪاح ۾ ڏنائين ۽ هن کي لڏائي آڻي پنهنجي گهر ۾ وهاريائين. انهيءَ کي چار پٽ ٿيا: سيد علي، سيد جعفر، سيد محمد شريف ۽ سيد محمد حسين. سيد احمد سنه 845ھ ۾ وفات ڪئي ۽ عباسي قاضين جي مقام ۾ دفن ڪيو ويو. سيد عليءَ کي ٻه پٽ هئا؛ هڪڙو سيد جلال ۽ ٻيو سيد جمال. ٻئي وڏا بزرگ ۽ ڪرامتن وارا ٿي گذريا. سيد جلال جو پٽ سيد علي ثاني فقير ٿيو ۽ گهڻا حج ڪيائين ۽ مخدوم نوح جو مريد ٿيو ۽ سندس وفات سنه 971ھ ۾ ٿي ۽ مڪليءَ تي رکيو ويو. ڪتاب آداب المريدين سندس تصنيف آهي. انهيءَ جو پٽ سيد جلال ثاني پيءُ ڏاڏي جي سجادي تي ويٺو مرزا باقي ترخان جي ڀآءٌ مرزا صالح پنهنجي نياڻي هن کي ڏني ۽ مرزا محمد باقي انهيءَ نسبت ڪري هن کي اڪبر بادشاهه جي حضور ۾ رهڻ لاءِموڪليو ۽ اتي فوت ٿيو. سندس پٽ سيد مير محمد سندس جانشين ٿيو. پوءِ انهيءَ جو پٽ مير زين العابدين. جنهن کي مير لطف الله چوندا هئا. سو مشهور ٿي گذريو. شاعر به هو. عالم به هو. ڪتاب ضررالبشر انهيءَ جي تصنيف آهي. سندس تخلص شعر ۾ قانع هو. سنه 1130ھ ۾ وفات ڪيائين. جو سال رضواعنه مان نڪري ٿو. انهيءَ جا ٻه پٽ ٿيا؛ سيد غلام علي ۽ سيد عبدالولي. انهن جو اولاد هليو هلي. سيد جعفر ولد سيد احمد سنڌ مان لڏي گجرات ويو ۽ اتي شادي ڪيائين ۽ سيد احمد پٽ ڄائس ۽ انهيءَ جو اولاد اتي رهيو. سيد محمد شريف ولد سيد احمد کي سيد لطف الله پٽ ٿيو ۽ انهيءَ جو اولاد پشت به پشت هليو. انهيءَ جي اولاد مان سيد لطف الله، شاهه عنات صوفي جو مريد ٿيو ۽ شاهه اسماعيل صوفيءَ جي خدمت ۾ رهيو. انهيءَ جي اولاد مان سيد ياسين ۽ سيد فضل علي هئا. سيد محمد حسين ولد سيد احمد وڏو بزرگ ٿي گذريو. جيئن مٿي چيو ويو، تيئن هن جي ڄمڻ جي خوشخبري شيخ عيسيٰ لنگوٽي ۽ ڪن ٻين اوليائن ڏني. سندس ڄمڻ جو سال قرت عين آهي. يعني سنه 831ھ تڏهين ڄام فتح خان بن ڄام اسڪندر سمي جو راڄ هو. چون ٿا ته جڏهين هيءُ سيد ڄائو، تڏهين اکيون نٿي پٽيائين. جڏهن شيخ عيسيٰ آيو. تڏهين پٽيائين. شيخ چيو ته الحمدلله. جنهن جي مريد ٿيڻ جو مون کي انتظار هو. سو آيو. انهيءَ کان پوءِ ٽئين ڏينهن شيخ وفات ڪئي. هن سيد جي ڪرامتن جو توڙي ٻيو احوال ڪتاب تذڪرة المراد ۾ ڏنل آهي. جو حاجي محمد حسين صفائيءَ جو لکيل آهي. انهيءَ سيد جا گهڻا مريد ٿيا. انهيءَ ڪتاب ۾ لکيل آهي ته شيخ بهاوالدين ملتانيءَ جو پوٽو شيخ صدرالدين ٺٽي ۾ هن سيد جي ڏسڻ لاءِ آيو. شيخ فرمايو ته تون برابر مشائخن جي مراد آهين ۽ تو مان گهڻن جون مرادون حاصل ٿينديون. انهيءَ وقت کان وٺي سيد جو لقب مراد ٿي ويو. سيد وري شيخ کي حليم جو خطاب ڏنو. ڪتاب جو نالو تذڪرة المراد به انهيءَ ڪري ٿيو. هن سيد جي نشاني صفه واري مسجد آهي. جا اصل لکير نالي هندوءَ جو گهر هو. جو ڄام نندي جو ديوان هو. انهيءَ کي سيد دعا ڪئي هئي ته تنهنجو پٽ مولو نالو ڪڍندو ۽ گهڻو رهندو. شهر جي اتر ۾ وڃي رهيو. مولو لٽئي پوءِ ايامن تائين مشهور هو. هن سيد سنه 893ھ ۾ وفات ڪئي. هو عباسي قاضين مان پرڻيو هو ۽ ٽي پٽ ٿيس: سيد منصور، سيد نعمت الله ۽ سيد حماد. هر هڪ جو گهڻو اولاد ٿيو. انهيءَ مان مشهور مير محمد محسن ٿيو. جو مير مرزا جان جو ناٺي ٿيو، انهيءَ جو اولاد به گهڻو ٿيو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو